جمعرات، 26 نومبر 2026
بریکنگ

دادو مورو روڊ تي حادثي ۾ 2 عورتون فوت، ٻارڙِي سميت 2 ڄڻا زخمي

سنڌي خبرون 26th Nov 2026 3 مناظر
دادو مورو روڊ تي حادثي ۾ 2 عورتون فوت، ٻارڙِي سميت 2 ڄڻا زخمي

زخمين مان 45 ورهين جي امام زادي ۽ 22 ورهين جي نرما اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

دادو(رپورٽر) دادو-مورو روڊ تي گوپانگ راماھو وٽ موٽرسائيڪل ۽ مزدا ۾ خوفناڪ ٽڪر, 2 عورتون فوت، ٻار سميت 2 زخمي حادثي دوران 45 ورهين جي امام زادي، 22 ورهين جي نرما ۽ 26 ورهين جو محمد اسحاق ملاح سخت زخمي ٿي پيا هيا حادثي ۾ هڪ ڏينهن جي معصوم نينگري پڻ زخمي زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، جتي امام زادي ۽ نرما زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويون فوتي عورتون ۽ زخمي دولتپور، ضلعي نوشهروفيروز جا رهواسي هئا دادو شادي تقريب تي آيل ھيا واپس پنهنجي گهر وڃي رھيا ھيا ته حادثو پيش آيو مزدا ڊرائيور محمد عامر کي مزدا سميت جهلو ٿاڻي جي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو واقعي جو هن وقت تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ