سکر: ليبر ڪالوني ۾ گداگر نينگري سان مبينا اجتماعي جنسي زيادتي واري واقعي ۾ اڳڀرائي
12ورهين جي نينگري سان مبينا اجتماعي زيادتي واري واقعي ۾ سهولتڪاري جي الزام هيٺ 2 عورتون گرفتار
سکر: ليبر ڪالوني ۾ 12 ورهين جي نياڻي سان مبينا اجتماعي جنسي زيادتي وارو معاملو، پوليس سهولتڪاري جي الزام هيٺ ٻن عورتن رضوانہ شر ۽ صائمه کوکر کي گرفتار ڪري ورتو.. مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. گذريل رات دير سان سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ 12 ورهين جي نياڻي کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي کيس بيهوشي واري حالت ۾ جوابدار ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا. پوليس موجب متاثر نينگري پينو فقيرياڻي آهي جيڪا خيرات گهرڻ لاءِ قريشي ڳوٺ وئي هئي. نينگري جي سڃاتل ٻن عورتن کيس پئسن جي لالچ ڏئي مردن حوالي ڪيو. نامعلوم جوابدارن نينگري کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. متاثر نينگري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي هوش اچڻ تي نينگري جي نشاندهي تي رضوانه شر ۽ صائمه کوکر کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي. نينگري کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ ان سڃاتل جوابدار فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش جاري آهي. پوليس ذريعن موجب پينو فقيرياڻي نينگري کي نشو ڏيڻ بعد اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. پوليس ميڊيڪل لاءِ سمپل وٺي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا آهن. انتهائي افسوسناڪ واقعي جو ڪيس هن وقت تائين داخل ناهي ٿي سگهيو.