جمعرات، 05 نومبر 2026
بریکنگ

خانپور مهر ويجهو سال اڳ قتل ٿيل عمران ڀٽي جي وارثن جو بااثرن خلاف ڌرڻو

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 23 مناظر
خانپور مهر ويجهو سال اڳ قتل ٿيل عمران ڀٽي جي وارثن جو بااثرن خلاف ڌرڻو
خانپورمهر (رپورٽر) خانپورمهر ويجهو لوهي ۾ هڪ سال اڳ قتل ٿيل نوجوان عمران ڀٽي جي وارثن پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مقتول عمران ڀٽي جي وارثن ۽ ڀٽي برادري جي ماڻهن ڊاڪٽر برڪت ڀٽي، شوڪت علي ڀٽي، محمد حنيف ڀٽي، محمد رحيم ڀٽي، ڊاڪٽر سڪندر، رحيم داد ڀٽي ۽ ٻين شاهپورمهر_ لوهي روڊ تي احتجاج ڪندي جوابدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاھرين جو چوڻ ھو تھ سال اڳ نوجوان بہ اسان جو قتل ٿيو ۽ مهر برادري سان تعلق رکندڙ بااثر ماڻهو ظلم ۽ زيادتيون بہ اسان سان ڪري رهيا آهن، اسان جي زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي بااثر لالو مهر ۽ ٻين اسان جي قبولي زمين مان ساريون ڪٽائي ڪري کڻي ويا آهن ۽ اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پير سائين پاڳاري جي خليفي ساهڙ فقير جوابدارن جي ضمانت کنئي هئي تہ هو اوهان سان زيادتي نہ ڪندا پر ان باوجود رات اسان جو فصل زبردستي کنيو ويو آهي، مهر سردارن جي ڪاميٽين وٽ فيصلو نہ ڪنداسين، سردار محمد بخش خان مهر يا سردار علي گوهر خان مهر پاڻ فيصلو ڪن پوليس جون اعلي اختياريون اسان مٿان ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ