نوشهروفيروز ۾ صحافين تي وڌندڙ حملن ۽ قومي شاهراهه تي انساني جانيون ضايع ٿيڻ خلاف احتجاج
نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ صحافين تي وڌندڙ حملن ۽ قومي شاهراهه تي انساني جانيون ضايع ٿيڻ ۽ ضلع انتظامیہ جي نااهلي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي پريس ڪلب جو صدر محمد يونس راڄپر ، جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي ڪشن راجہ, عادل عباسي، ضمير وسطڙو، محبوب ڪلهوڙو, عطا حسين سمون, فقير ميهر بهڻ, راجا رجب سمون, زاهد لنڊ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر هڪ وڏي سازش تحت ڪيس داخل ٿيڻ، حملا ڪرائڻ جو رجهان وڌي ويو آهي جنهن عمل جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي سڄي سنڌ اندر صحافين سان زيادتين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن کي قلم ڌڻي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا هنن چيو ته نوشهروفيروز ضلعي اندر قومي شاهراهه سوين انساني جانيون ضايع پيو ڪري پر ضلعي انتظاميه ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لاچار بڻيل آهي جن جي بي حسي جي ڪري حادثا ٿيڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي هنن مطالبو ڪيو ته صحافين تي تشدد ۽ حملن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ضلع جي عوام جي جانين کي بچائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو