ٺٽي ۾ پوليو مھم ٽئين ڏينھن بھ جاري رھي، سيڪيورٽي سخت
پوليو مھم دوران 383 پوليس اھلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) انسداد پوليو مهم ٽئين ڏينهن به جاري 383 پوليس اهلڪار مقرر، فول پروف سيڪيورٽي انتظام آءِ جي پي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن تي ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو جي طرفان انسداد پوليو مهم جي حوالي سان ضلعي اندر ٽئين ڏينهن به سخت فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا ايس ايس پي ٺٽو چيو ته 2 نومبر 2026 بروز سومر کان شروع ٿيل انسداد پوليو مهم دوران 383 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، پوليس حصار ۾ پوليو ورڪر پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن ايس ايس پي ٺٽو سمورن فيلڊ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سمورا ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز سيڪيورٽي پلان موجب حفاظتي انتظام سخت رکن، پوليو ٽيمن سان پوليس نفري جي مقرري، درپيش مسئلن تي فوري رسپانس، علائقي ۾ پيٽرولنگ، پڪٽنگ ۽ سول انتظاميا سان رابطن جا سمورا قدم احسن طريقي سان سرانجام ڏين هن هدايتون جاري ڪيون ته سمورا ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز نفري کي باقاعدي بريفنگ ڏيندا ۽ انسداد پوليو مهم جي آگاهي، پوليو ورڪرن جي سيڪيورٽي ۽ هن حساس ڊيوٽي بابت آگاهه ڪندا سمورا فيلڊ آفيسر پوليو مهم تي مڪمل ۽ خاص توجه ڏيندا ۽ وڌ کان وڌ نفري لڳائي ڪور ڪندا ۽ پوليو ورڪرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندا ته جيئن سيڪيورٽي کي هر صورت يقيني بڻايو وڃي سمورا فيلڊ آفيسر پوليو مهم دوران قائم ڪيل ڪنٽرول روم سان لمحي به لمحي رابطي ۾ رهندا ۽ ڪنهن به قسم جي ممڪن اڻ وڻندڙ صورتحال جي اطلاع فوري طور ڪنٽرول روم کي ڏيندا ايس ايس پي ٺٽو سمورن آفيسرن کي واضح ڪيو ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي لاپرواهي يا غفلت ناقابل قبول هوندي. انسداد پوليو مهم هڪ اهم قومي فرض آهي جنهن ۾ پوليس فورس جو ڪردار انتهائي اهميت جو حامل آهي هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته دوران ڊيوٽي سمورن پوائنٽس تي ٽيمن جي حفاظت کي يقيني بڻايو، هر قسم جي مشڪوڪ سرگرمي ۽ مشڪوڪ ماڻهن تي ڪڙي نظر رکو ۽ انسداد پوليو مهم جي پڄاڻي تائين ٽيمن سان گڏ رهو.