English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
13 views
|
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد سيڪٽر 20، الحمرا اسڪول ڀرسان پوليس ۽ مبينا ڏوهارين وچ ۾ ٿيل فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس موجب گشت تي مقرر اهلڪارن شڪي ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هنن گرفتاري جي خوف کان پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل مبينا ڏوهاري جي سڃاڻپ نديم ولد قادر بخش، عمر لڳ ڀڳ 25 سال، طور ٿي آهي. سندس قبضي مان ڦريل موبائل فون ۽ هٿيار هٿ آيو آهي پوليس موجب مارجي ويل مبينا جوابدار عادي ڏوهاري هو ۽ اڳ به جيل وڃي چڪو هو. شروعاتي جاچ موجب هو هڪ اهڙي ٽولي سان لاڳاپيل هو، جيڪا ضلعي ملير ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهي آهي مارجي ويل مبينا ڏوهاري جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ملير پوليس موجب فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تازي ڪارروائي کانپوءِ ضلعي ملير ۾ پوليس مقابلن دوران مارجي ويل مبينا ڏوهارين جو انگ ٻن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو،
0 تبصرے