عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي مينارٽي وِنگ سنڌ جي صدر ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ جي خاص صلاحڪار براءِ اقليتي امور ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي پاران اقليتي شاگردن لاءِ اهم ۽ حوصلا افزا قدم طور اسڪالرشپ چيڪ ورهايا ويا، تقريب اقليتي امور کاتي، حڪومت سنڌ جي ميزبانيءَ ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد اقليتي شاگردن جي تعليمي سهائتا ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ هو، تقريب دوران 3 ڪروڙ 75 لک رپين جا چيڪ ورهايا ويا، جنهن تحت هر شاگرد کي 50 هزار رپيا مالي امداد ڏني وئي، ان موقعي تي، ايم پي اي انيل ڪمار، ايم پي اي شام سندر، سيڪريٽري انجم اقبال جماڻي سميت اقليتي امور کاتي جا اعليٰ آفيسر به شريڪ هئا، وزيراعلي سنڌ جي صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍوخطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه اقليتن جي تعليمي، سماجي ۽ معاشي حقن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ سرگرم رهي آهي، هن چيو ته تعليم ئي اها طاقت آهي، جنهن ذريعي اقليتي برادريون بااختيار بڻجي سگهن ٿيون، تقريب جي پڄاڻيءَ تي شاگردن ۽ سندن والدين حڪومت سنڌ ۽ اقليتي امور کاتي جا ٿورا مڃيا ۽ هن قدم کي نه رڳو مالي سهائتا پر اعتماد ۽ حوصلي جي علامت قرار ڏنو جڏھن ته صحافين سان ڳالھائيندي راجوير سنگھ سوڍو چيو ته اقليتي برادري جي شاگردن کي اڳ ۾ اسڪالر شپ جي رقم 25 ھزار رپيا في شاگرد کي ڏنا ويندا ھئا ۽ سندن جي سربراھي ۾ جوڙيل 3 رڪني ڪميٽي دوران سندس جي شاگردن کي 50 ھزار رپيا ڏيڻ واري تجويز تي پ پ مينارٽي ونگ سنڌ جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار مينارٽي ونگ ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي پاران صلاح مشوري بعد ھر شاگرد کي 50 ھزار رپيا ڏنا ويا
0 تبصرے