English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شهيدن کي سرخ سلام، محبت سنڌ ريلي دھشتگردن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي: اياز لطيف پليجو
42 views
|
22nd May 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو)22 مئي جي شھيدن جي 13ھين ورسي جي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي شھيدن عالمي سامراجي دھشتگردن سان وڙھندي پنھنجي سنڌ وطن لاءِ جان ڏني. 22 مئي جا شھيد سنڌ جون سورميون ۽ سورما آھن. محبت سنڌ ريلي دھشتگردن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي. سنڌ ٽوڙڻ جي سازش خلاف ھزارين ماڻھن عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي لياري ۾ چيل چوڪ تي گڏ ٿي پريس ڪلب طرف پرامن محبت سنڌ مارچ ڪيو تہ عالمي طاقتن جي ايجنٽ دھشتگرد ٽولي انھن معصوم ماڻھن تي خطرناڪ ھٿيارن سان حملو ڪري شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ھٿين خالي ڪارڪنن کي شھيد ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ جن دھشتگردن سنڌ ۾ نفرت جي سياست ڪئي، اردو ڳالھائيندڙ، سنڌي ڳالھائيندڙ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙھايو. بيگناھ ماڻھن جو خون وھايو، انھن دھشتگردن جو سربراھ تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ دفن آھن، ان کانپوءِ سنڌ ۾ امن آھي، واپاري خوف ۾ ناھن، شھري دٻاءُ ۽ حراس ۾ ناھن، دنيا دھشتگردن جي سربراھ تي ملامتون ڪري ٿي. سنڌ ۾ رھندڙ اڳ ۾ بہ پاڻ ۾ ڀائر ھئا ۽ اڄ بہ ڀائر آھن، انھن کي ڪير بہ الڳ نٿو ڪري سگھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊ، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی - ماضی کے حقائق اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی: تاریخی حقائق، مقامی محنت اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ون ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي تقريب
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ. فائنل ۾ صوفي شاهه عنايت ڪلب هٿان بخاري ڪلب کي شڪست
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ طرفان ثقافتي مشاعري جي عنوان هيٺ شاندار تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
محبت سنڌ ريلي
0 تبصرے