English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿرپارڪر ۾ بدلجندڙ موسمن کي منهن ڏيڻ بابت نوجوان آبادگارن جي گڏجاڻي
6 views
|
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
50نوجوان آبادگارن کي ميويدار وڻن جا ٻوٽا ۽ معياري گوار جي ٻج جي فراهمي ڪئي وئي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ٿرپارڪر ۾ بدلجندڙ موسمن کي منهن ڏيڻ بابت نوجوان آبادگارن جي گڏجاڻي، 50 نوجوان آبادگارن کي ميويدار وڻن جا ٻوٽا ۽ معياري گوار جي ٻج جي فراهمي، سرسبز ۽ خوشحال ٿر ڏانهن هڪ اهم وک خبر موجب ٿرپارڪر ۾ بدلجندڙ موسمن جي وڌندڙ اثرن کي نظر ۾ رکندي نوجوان آبادگارن ۾ شعور پيدا ڪرڻ، زرعي ڄاڻ ۾ واڌ آڻڻ ۽ سرسبز مستقبل جي واٽ هموار ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ ۾ نوجوان آبادگارن جي هڪ ڏينهن واري گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ تعلقي ڇاڇري جي مختلف ڳوٺن مان 50 نوجوان آبادگارن شرڪت ڪئي گڏجاڻي دوران آبادگارن کي بدلجندڙ موسمن سبب زراعت، پاڻي ۽ روزگار تي پوندڙ اثرن کان آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر زرعي طريقن، ماحول جي بچاءَ ۽ قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نوجوان آبادگارن پنهنجا تجربا، خدشا ۽ تجويزون پڻ هڪ ٻئي سان ونڊيون تقريب کي خطاب ڪندي مس ڪلثوم سنڌو چيو ته ٿر ۾ بدلجندڙ موسمون هاڻي هڪ حقيقت بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن جا اثر هر سال وڌيڪ نمايان ٿيندا پيا وڃن هن چيو ته نوجوان ئي اهڙي قوت آهن، جيڪي نون زرعي طريقن کي اپنائي پنهنجي ڳوٺن ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا. جيڪڏهن هو اڄ کان ماحول دوست ۽ وقت جي ضرورت موجب زراعت اختيار ڪندا ته ايندڙ نسلن لاءِ به بهتر مستقبل جو بنياد پوندو ان موقعي تي نول رام، ارشاد ڏاهل، ساون ميگهواڙ ۽ ٻين آبادگارن آويئر ۽ ٽيري ڊي زوم (TDH) جرمني جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته مورنگا، اِملي، جنگل جليبي، ليمن، قلمي ٻير ۽ ٻين ميويدار وڻن جي پوک سان ٿر ۾ رڳو سرسبزي ئي نه وڌندي، پر ماڻهن کي غذائيت، آمدني ۽ بهتر ماحول پڻ حاصل ٿيندو رجب علي سمون ٻڌايو ته هن سال ٿرپارڪر ۾ بهتر برساتون پوڻ سبب وڻڪاري ۽ پوکي راهي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيو آهي. آبادگارن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي 500 چيڪو، 500 ڄامُن ۽ 400 قلمي ٻير جا ٻوٽا فراهم ڪيا پيا وڃن، جيئن ايندڙ سالن ۾ اهي وڻ ٿر جي ماڻهن لاءِ خوراڪ، آمدني ۽ ماحولياتي بهتري جو ذريعو بڻجن هن وڌيڪ چيو ته تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ 50 نوجوان آبادگارن کي 9، 9 ڪلوگرام گوار جو ٻج پڻ فراهم ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل جي ايرڊ زون ريسرچ سينٽر، عمرڪوٽ پاران آزمودو ۽ سفارش ڪيل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آبادگار هن ٻج کي وڌائي ايندڙ سالن ۾ ٻين آبادگارن تائين پڻ پهچائيندا، جنهن سان ٿر ۾ معياري ٻج جي دستيابي ۾ واڌ ايندي تقريب جي پڄاڻي تي آويئر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي اڪبر راھمون چيو ته بدلجندڙ موسمون ٿر جي آبادگارن لاءِ هڪ نئون امتحان بڻجي سامهون آيون آهن هن چيو ته هتان جا گهڻا آبادگار محدود تعليمي موقعن سبب جديد زرعي ڄاڻ کان محروم آهن، تنهن ڪري نوجوان آبادگارن کي عملي تربيت، معياري ٻج ۽ ميويدار وڻن جا ٻوٽا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي هن چيو ته اڄ جا نوجوان جيڪڏهن نوان زرعي طريقا اختيار ڪري پنهنجن ڳوٺن ۾ عملي مثال قائم ڪندا ته اهو سڄي ٿر جي زراعت لاءِ هڪ نئين سوچ ۽ نئين روايت جو آغاز هوندو علي اڪبر راھمون وڌيڪ چيو ته ميويدار وڻن جي پوک سان نه رڳو ماحول بهتر ٿيندو، پر ماڻهن جي خوراڪ ۾ بهتري ايندي، آمدني جا نوان وسيلا پيدا ٿيندا ۽ غذائي کوٽ جهڙي سنگين مسئلي تي به ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اهڙيون ڪوششون ٿر کي وڌيڪ سرسبز، خوشحال ۽ بدلجندڙ موسمن جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائينديون تقريب جي پڄاڻي تي نوجوان آبادگارن ۾ ميويدار وڻن جا ٻوٽا ۽ معياري گوار جو ٻج فراهم ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو انهن ٻوٽن جي سنڀال ڪندا، ٻج کي وڌائيندا ۽ حاصل ڪيل ڄاڻ کي ٻين آبادگارن تائين پهچائي ٿر ۾ سرسبزي، بهتر زراعت ۽ خوشحالي جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا هي تقريب آويئر پاران ٽيري ڊي زوم (TDH) جرمني جي مالي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
سندھ کے مختلف علاقوں میں بارش کا سلسلہ جاری، مختلف حادثات میں بچوں سمیت متعدد افراد جاں بحق
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
آمروں کے خلاف ’’کاکروچ‘‘ پہلے بھی نکلے تھے، اب بھی نکل سکتے ہیں: پیپلز پارٹی
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
جو لوگ اسی نظام سے فائدہ اٹھاتے رہے، اب اسے ہی ناکام قرار دے رہے ہیں: رانا ثناء اللہ
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مصر پر حملے کو اسرائیل کی ’فالس فلیگ‘ کارروائی قرار دے دیا
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
سندھ کے مختلف علاقوں میں بارش کا سلسلہ جاری، مختلف حادثات میں بچوں سمیت متعدد افراد جاں بحق
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٿرپارڪر ۾ بدلجندڙ موسمن کي منهن ڏيڻ بابت نوجوان آبادگارن جي گڏجاڻي
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد فيز 2 ۾ ڊاڪٽر ڪرڪيٽ گرائونڊ تي مبينا قبضو
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي تحريڪ پاران سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن خلاف 8 آگسٽ تي ملير ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٿرپارڪر ۾ بدلجندڙ موسمن کي منهن
0 تبصرے