English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ پاران سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن خلاف 8 آگسٽ تي ملير ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان
88 views
|
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي تحريڪ جو اجلاس ضلعي صدر پرهه سومرو جي صدارت هيٺ گهگهر ڦاٽڪ ۾ ٿيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)عوامي تحريڪ ملير ضلعي جو اجلاس ضلعي صدر پرهه سومرو جي صدارت هيٺ گهگهر ڦاٽڪ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر خاص شرڪت ڪئي اجلاس ۾ ضلعي ۽ تعلقن جي تنظيمي صورتحال جو جائزو وٺندي ايندڙ تنظيمي دورن ۽ سرگرمين بابت رٿابندي ڪئي وئي اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نون صوبن جي تجويزن ۽ سنڌ کي ورهائڻ بابت ٿيندڙ بحثن کي سنڌ جي وحدت خلاف سازش سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي عوامي تحريڪ سخت مخالفت ڪندي. هنن چيو ته سنڌ جي تاريخي، جاگرافيائي ۽ قومي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ جمهوري ۽ آئيني جدوجهد جاري رکي ويندي اڳواڻن زور ڏنو ته ملڪ جي استحڪام جو دارومدار آئين، صوبن جي آئيني حقن، خودمختياري ۽ قومي وحدتن جي احترام ۾ آهي، جڏهن ته سمورن ادارن کي آئيني دائري اندر رهي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ گهرجن. اجلاس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته 8 آگسٽ تي سنڌ جي وحدت جي حق ۾ ۽ نون صوبن بابت تجويزن جي مخالفت ۾ گهگهر جي محمدي مسجد کان مين روڊ، ملير تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري سميت پارٽي جي مرڪزي، ضلعي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي قيادت ڪندي اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، عزيز لانگاهه، جبار پليجو، علي محمد ڪلمتي، ذوهيب ڪلمتي، ماجد جروار، ڊاڪٽر رحمت الله، عباس ملاڻو، نظير ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عوامي تحريڪ پاران سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن خلا
0 تبصرے