English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪراچي کان ڪشمورتائين مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا
192 views
|
07th May 2023
•
سنڌي خبرون
موجوده حڪمرانن آءِ ايم ايف جي مرضي تي سال اندر هر شئي ج قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو: اڳواڻ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي امير سراج الحق جي اپيل تي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ عوام مٿان ڀاري ٽيڪس مڙهڻ خلاف ملڪ گير احتجاجي مظاهرن جي سلسلي ۾ جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن کي مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو، شڪارپور،شهدادڪوٽ، نواب شاه، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي، بدين، ٺٽو، ٽنڊومحمدخان، حيدرآباد، ڪوٽري سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي مهانگائي ۽ حڪمرانن خلاف نعرا لکيل جڏهن ته مظاهرين پاران اي پي ڊي ايم سرڪار خلاف “ بجلي، گيس، پيٽرول جون قيمتون گهٽايو، نامنظور نامنظور آءِ ايم ايف جي معاشي دهشتگردي نامنظور، عوام دشمن فيصلا نامنظور” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هڻي رهيا هئا.اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪرپشن ۽ ڦُرلُٽ ذريعي ملڪي ناڻو پرڏيهي بينڪن ۾ جمع ۽ آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي قوم کي مهانگائي جي آڙاهه ۾ ڌڪڻ وارا حڪمرانن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. جڏهن کان اتحادي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، سودي معيشت ۽ دهشتگردي عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، موجوده حڪمرانن آءِ ايم ايف جي مرضي تي سال اندر بجلي، گيس، پيٽروليم مصنوعات سميت عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عام ماڻهن لاءِ ٻن ويلن جي ماني ڳڀي حاصل ڪرڻ کي به مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. وياج وارو نظام عالمي مالياتي ادارن جو اهم هٿيار آهي، موجوده حڪمران به سابق حڪمرانن وانگر آءِ ايم ايف جا غلام آهن جن کان عوامي ڀلائي جي اُميد ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. صعنتي ۽ زرعي شعبي تي چند ماڻهن جو قبضو جڏهن ته عام مزدور ۽ هاري سميت وچولو طبقو جنڊ جي ٻن پُڙن ۾ پيسجي رهيو آهي، جنهن ملڪ ۾ ظلم ۽ ناانصافي جو راڄ هجي اهو ملڪ ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي انڪري جماعت اسلامي مهانگائي، بيروزگاري ۽ وياج واري نظام خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي، اسان جي جدوجهد ايسيتائين جاري رهندي جيستائين ملڪ مان ظالماڻو طاغوتي نظام ختم نٿو ٿئي. آءِ ايم ايف جو هٿ هاڻي عوام جي نڙي تائين پهچي چڪو آهي، جماعت اسلامي هن نازڪ وقت ۾ عوام کي هرگز اڪيلو ڪونه ڇڏيندي ۽ عوام کي حڪمرانن جي ملڪ دشمن فيصلن خلاف گڏ ڪري ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کي زنده دفن ڪري ڇڏيو آهي، اسلام جو انصاف ڀريو نظام ئي تمام مسئلن جو حل آهي انڪري عوام ڪرپٽ سياستدانن بدران هاڻي ظالماڻي نظام ۽ ڪرپٽ سياستدانن خلاف جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. هوڏانهنجماعت اسلامي پاران مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مسجد اقصيٰ-کوسڪي روڊ کان بدين پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، بدين ضلعي جي امير سيد علي مردان شاهه چيو آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي. مهانگائي جي باهه ۾ هر ماڻهو سڙي رهيو آهي، حڪمرانن کي ڪا عقل ئي نه آهي، شهر ۾ اٽو خريد ڪرڻ لاءِ ماڻهو قطارن ۾ بيٺا آهن، هي آءِ ايم ايف جي غلامي جو نتيجو آهي، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني آهي. ان موقعي تي الله بچايو هاليپوٽو غلام رسول احمداڻي، عظيم احمد منصوري، موسيٰ ملاح ۽ فتح خان ۽ ٻين خطاب ڪيو. ميرپورخاص ۾ مدينه مسجد شاهي بازار ٻاهران مقامي امير رفيق چوهاڻ، ارسلان جٽ جي اڳواڻي ۾ زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اي پي ڊي ايم حڪومت جي معاشي پاليسين 23 ڪروڙ عوام جي ڊيٿ پاليسي ثابت ٿيون آهن، حڪومتي ٽولي جي سموري توجه ملڪي خزاني جي ڦُرلٽ ۽ مخالفين مٿان ڪوڙا ڪيس ڪرڻ آهي، شاهدخاقان عباسي جي مُفت اٽي واري اسڪيم ۾ 20 ارب رپين جي ڪرپشن جو اعترافي بيان نواز ليگ جي منهن تي دانگي ملي ڇڏي آهي، پاڪستان جا شهري مهانگائي سبب پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن، پر حڪومت آءِ ايم ايف جي تعبداري ۾ انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي عوام جي چيلهه تي مهانگائي جا ڪوڙا وسائي رهي آهي. هوڏانهن جماعت اسلامي شھدادڪوٽ طرفان مھانگائي خلاف ڊاڪٽر امتياز احمد شيخ جي اڳواڻي م احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو، رميز راجا شيخ، عبدالمجيد مغل، ڪوٽري ۾ ضلعي امير حافظ صالح ڀُرٽ، مٺي ضلعي امير مير محمد بُليدي، سبحان سميجو، ٽنڊوالهيار ۾ ديدار بهراڻي، شڪارپور ۾ لکيدر گهنٽه گهر چوڪ تي عبدالسميع ڀٽي، ايڊووڪيٽ عبدالقادر ابڙو، عبدالرحمان منڱريو، محمود الاهي هڪڙو،وسيم شيخ ۽ مفتي عبدالغفور قاسميجي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. عمرڪوٽ ۾ خليل کوکر جڏهن ته ٽنڊومحمد خان ۾ ضلعي امير حافظ لعل محمد سولنگي ۽ عامر شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ يتيم ٻارڙن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جماعت اسلامي
پاڪستان
سراج الحق
احتجاجي مظاهرا
0 تبصرے