English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تڪراري ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باء پاس تي وڪيلن جو ڇهين ڏينهن به ڌرڻو جاري، قافلن جي آمد جاري
171 views
|
23rd Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بدستور معطل، ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود
سکر: سنڌو درياھ مان نڪرندڙ تڪراري ڇهن ڪئنالن خلاف ٻٻرلوء باء پاس تي ڇهين ڏينهن بہ ڌرڻو جاري آهي سڄي سنڌ ۾ اڄ بہ عدالتن جي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري وڪيلن، سياسي سماجي ڌرين، واپارين، قومپرست اڳواڻن، ڪارڪنن، مذهبي جماعتن، اسڪولي ٻارڙن، فنڪارن ۽ ملھ پهلوانن سميت سڄي سنڌ مان سول سوسائٽي جي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو آهي،وڪيل عورتن پاران احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هڻندي وفاق سان پاڻي خاطر جنگ جاري رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي ھوڏانھن ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بيريسٽر سرفراز ميتلو پنهنجي تقريري خطاب ڪندي چيو آهي تہ پاڻي حيات لاءِ ضروري آهي وفاق پاران ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سڄي سنڌ ۾ خطرناڪ تحريڪ زور ورتو آهي گذريل ڏينهن کان ڪراچي، ڪمون شهيد ۽ ڪشمور ۾ بہ وڪيلن جا ڌرڻا جاري آهن وڪيلن پاران 72 ڪلاڪن واري ڏنل الٽيميٽم کي چوويھ ڪلاڪ گذري ويا آهن باقي اٺيتاليھ ڪلاڪ بچا آهن سڀاڻي وڪيلن جو ٻيهر اجلاس طلب ڪيو ويو آهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ وفاق سان ڳالهيون ڇاجون آهن اسان کي ڪريڊٽ جي ضرورت ناهي بس وفاق ڇهن ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪري نہ تہ ٻي صورت ۾ اٺيتاليهن ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ نيشنل هاءِ وي سان گڏ ريلوي ٽريڪ بہ بند ڪيا ويندا صوبن جو هڪ ٻئي ڏانهن اچڻ بند ٿي ويندو ۽ پنجاب سان تجارتي بائيڪاٽ پڻ ڪيو ويندو هوڏانهن سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ڌرتي ڌڻين پاران ڌرڻي جي ٻنهي پاسن کان ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي سبيلن سان گڏ کاڌ خوراڪ جا هٽ پڻ ٺاهيا ويا آهن جتي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ سنڌ واسين جي خدمت ڪئي پئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
تڪراري ڪئنالن
ٻٻرلوءِ باء پاس
وڪيلن
سکر
0 تبصرے