English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تڪراري ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باء پاس تي وڪيلن جو ڇهين ڏينهن به ڌرڻو جاري، قافلن جي آمد جاري
79 views
|
23rd Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بدستور معطل، ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود
سکر: سنڌو درياھ مان نڪرندڙ تڪراري ڇهن ڪئنالن خلاف ٻٻرلوء باء پاس تي ڇهين ڏينهن بہ ڌرڻو جاري آهي سڄي سنڌ ۾ اڄ بہ عدالتن جي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري وڪيلن، سياسي سماجي ڌرين، واپارين، قومپرست اڳواڻن، ڪارڪنن، مذهبي جماعتن، اسڪولي ٻارڙن، فنڪارن ۽ ملھ پهلوانن سميت سڄي سنڌ مان سول سوسائٽي جي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو آهي،وڪيل عورتن پاران احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هڻندي وفاق سان پاڻي خاطر جنگ جاري رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي ھوڏانھن ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بيريسٽر سرفراز ميتلو پنهنجي تقريري خطاب ڪندي چيو آهي تہ پاڻي حيات لاءِ ضروري آهي وفاق پاران ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سڄي سنڌ ۾ خطرناڪ تحريڪ زور ورتو آهي گذريل ڏينهن کان ڪراچي، ڪمون شهيد ۽ ڪشمور ۾ بہ وڪيلن جا ڌرڻا جاري آهن وڪيلن پاران 72 ڪلاڪن واري ڏنل الٽيميٽم کي چوويھ ڪلاڪ گذري ويا آهن باقي اٺيتاليھ ڪلاڪ بچا آهن سڀاڻي وڪيلن جو ٻيهر اجلاس طلب ڪيو ويو آهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ وفاق سان ڳالهيون ڇاجون آهن اسان کي ڪريڊٽ جي ضرورت ناهي بس وفاق ڇهن ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪري نہ تہ ٻي صورت ۾ اٺيتاليهن ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ نيشنل هاءِ وي سان گڏ ريلوي ٽريڪ بہ بند ڪيا ويندا صوبن جو هڪ ٻئي ڏانهن اچڻ بند ٿي ويندو ۽ پنجاب سان تجارتي بائيڪاٽ پڻ ڪيو ويندو هوڏانهن سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ڌرتي ڌڻين پاران ڌرڻي جي ٻنهي پاسن کان ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي سبيلن سان گڏ کاڌ خوراڪ جا هٽ پڻ ٺاهيا ويا آهن جتي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ سنڌ واسين جي خدمت ڪئي پئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ويجهو ڳوٺ غلام محمد مڱڻيجو ۾ نوجوان پاران مبينا آپگهات
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
تڪراري ڪئنالن
ٻٻرلوءِ باء پاس
وڪيلن
سکر
0 تبصرے