قمبر شهدادڪوٽ ضلعو بدامني جو ڳڙهه بڻيل، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

وڪيل خالد نور کوسو پاران ايس ايس پي صدام خاصخيلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي

قمبر شهدادڪوٽ ضلعو بدامني جو ڳڙهه بڻيل، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قمبر شهدادڪوٽ ضلعو بدامنيء جو ڳڙهه بڻجي ويو، نوجوان وڪيل خالد نور کوسو پاران ايس ايس پي صدام خاصخيلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي نااهليءَ خلاف ڪارروائي ڪري اهل ۽ بااختیار ايس ايس پي کي مقرر ڪيو وڃي: درخواستگذار جي استدعا، تفصيلي خبر موجب شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ناليواري نوجوان وڪيل خالد نور کوسو ضلعي اندر بدامنيء جي واقعن ۾ واڌ ۽ ايس ايس پي قمبر صدام حسين خاصخيلي جي نااهليءَ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ايس ايس پي جي نااهلي سسبب ضلعو ڏوهن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي. درخواستگذار خالد نور کوسو ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ اغوا، قتل، ڀتي خوري، جوا، منشيات وڪري ۽ ڦر جون وارداتون معمول بڻيل آهن پر پوليس اگھور ننڊ ستل آهي، ضلعي اندر ڪيترائي پوليس اهلڪار ويزا تي ويل آهن ۽ عدالت کان مٿانهان قتل توڙي ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا به وڌي ويا آهن. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ صدام حسين خاصخيلي جي راضپي سان ڪيترن ئي ٿاڻن جا پلاٽ غيرقانوني طور وڪرو ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڳري رشوت عيوض ايراني تيل، نان ڪسٽم پيڊ گاڏين ۽ ٻين شين جي سمگلنگ جي به اجازت ڏني وئي آهي. درخواستگذار سنڌ هاءِ ڪورٽ کي استدعا ڪئي آهي ته آء جي سنڌ کي حڪم جاري ڪيو وڃي ته ايس ايس پي قمبر صدام حسين خاصخيلي جي نااهليءَ جو نوٽيس وٺي ادارتي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. ايس ايس پي صدام خاصخيلي جي نااهلي خلاف ادارتي ڪارروائي ڪري ڪنهن اهل ۽ بااختيار ايس ايس پي کي مقرر ڪيو وڃي. ٻئي طرف درخواستگذار ايڊووڪيٽ خالد نور کوسو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس تعلق به قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سان آهي، جتي عوام بدامنيء جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڪنهن به شهريء جي جان ۽ مال محفوظ ناهي پر ايس ايس پي صدام حسين خاصخيلي ڏوهارين خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. درخواستگذار خالد نور کوسو ايڊووڪيٽ وڌيڪ چيو ته هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ بااختيار ۽ اهل ايس ايس پي کي مقرر ڪرڻ لاءِ آء جي سنڌ کي حڪم جاري ڪيو وڃي ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.