عوامي هيومن رائيٽس اينڊ ويلفيئر فورم جو اجلاس صدر بلاول سمون جي صدارت هيٺ ٿي گذريو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)عوامي هيومن رائيٽس اينڊ ويلفيئر فورم ضلعو ٺٽو جي عهديدارن جو اهم اجلاس صدر بلاول سمون جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ ضلعي ٺٽي جي انساني حقن بابت مجموعي صورتحال جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران ضلعي ۾ وڌندڙ بيروزگاري، معاشي بدحالي، منشيات جو ڦهلاءُ، امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال، تعليمي ابتري، صحت جي سهولتن جي کوٽ، پوليس زيادتين سميت ٻين اهم معاملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس دوران سنڌوءَ درياهه تي اڏجندڙ نون ڪئنالن خلاف سخت خدشن جو اظهار ڪندي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو بند ڪيو وڃي ۽ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي. ان کانسواءِ اجلاس ۾ فورم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن تحت مختلف شعبن جي نگراني لاءِ ذميوارن جي مقرري عمل ۾ آندي وئي. تعليم شعبي لاءِ مظھر علي ۽ ممتاز علي سمون کي نگران مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته صحت لاءِ عبيد جماري، مجاهد واريو، ڪامريڊ زاهد ۽ فاروق شيخ تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي. فلاحي ڪمن جي نگراني علي نواز سيال کي سونپي وئي، عورتن جي معاملن لاءِ ميڊم زهره جاکرو کي ذميوار مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته اقليتي معاملن جي نگراني لاءِ نقاش مسيح جي چونڊ ڪئي وئي. منشيات جي خاتمي لاءِ بلاول ٻاٻڙو، مختيار جان چانڊيو ۽ علي محمد درس تي ٻڌل خاص ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا ضلعي اندر منشيات جي روڪٿام لاءِ سرگرم ٿيندي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ عوامي هيومن رائيٽس اينڊ ويلفيئر فورم ضلعو ٺٽو طرفان بتدريج تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ يونٽ قائم ڪري مقامي سطح تي فورم کي سرگرم ڪيو ويندو. ان موقعي تي صدر بلاول سمون ٺٽي واسين لاءِ پڌرو ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به صورت ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي ته فورم سان رابطو ڪيو وڃي، جيئن متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي، ميڊم زهره جاکرو، مجاهد واريو، عبيد جماري، مظھر علي، فاروق شيخ، علي نواز سيال، راجا ميمڻ، نقاش مسيح، مختيار جان چانڊيو، ڪامريڊ زاهد جوکيو، بلاول ٻاٻڙو، فقير علي محمد درس، ممتاز علي سمون ۽ ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے