لاڙڪاڻو (بيورو)لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد معظم ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري، 45 ورهين جي الطاف حسين عباسي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل وٺي زخمي کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ان حوالي سان حد جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب قتل ٿي ويل الطاف عباسي شهر ڀرسان ڳوٺ فتح پور جو رهواسي آهي جيڪو پنهنجي ڀائٽي سان ملڻ آيو هو واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون ٻئي پاسي ايس ايس پي احمد چوڌري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او وليد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي
0 تبصرے