English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نئون ديرو: مبينا پوليس مقابلو، 2واپارين جي قتل ۾ ملوث جوابدار مارجي ويو
views
|
24th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ امداد عرف امدو لغاري طور ٿي وئي آهي : پوليس .
نئون ديرو: لاڙڪاڻو پوليس ڪنگا ٿاڻي جي حد ميرو خان روڊ تي ٿرڙي لاڙي ڀرسان گشت ڪندڙ پوليس سان ڏوهارين جو مبينا مقابلو، ڏوهارين ۽ پوليس هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ امداد عرف امدو لغاري طور ٿي وئي. مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري ڪراچي، لاڙڪاڻو سميت مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ڏوهي وارڌاتن ملوث هو. مارجي ويل ڏوهاري جو تعلق جلباڻي ۽ لغاري گينگ سان هو. مارجي ويل ڏوهاري نئون ديرو ۾ قتل ڪيل واپاري سنتوش جي قتل سميت لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيل هندو واپاري سنجي ڪمار ۽ هندو واپاري رونق کي زخمي ڪرڻ وارن ڏوهاري وارڌاتن جو ماسٽر مائينڊ هو. مارجي ويل ڏوهاري جا وائيس ميسج پڻ هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. مارجي ويل ڏوهاري ڪوريئر سرورس لاڙڪاڻي واري وارڌات سميت ڪيترن ئي ٻين ڏوهن ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندو هو. لاڙڪاڻي شهر اندر ٻن ورهين ۾ ٿيندڙ رقم ڦر ڪرڻ وارن ڏوهاري وارڌاتن ۾ ملوث هو. مارجي ويل ڏوهاري ڪيترو وقت اڳ سرجاني ٽائون ڪراچي مان ڪار ڦر ڪيل ڪار سميت ڏوڪري ٿاڻي جي پوليس سان مقابلي ۾ زخمي ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نئون ديرو
0 تبصرے