English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آصف زرداري ضياءَ ۽ مشرف کان وڌيڪ طاقتور ناھي. سنڌي ماڻهو هر سنڌ دشمن سازش ناڪام بڻائيندا: اياز لطيف پليجو
145 views
|
19th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو ڄام ۾ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي
ٽنڊو ڄام: سنڌ دشمن 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٽنڊو ڄام ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻھن نور شاھ ڪاليج کان پيادل مارچ ڪري شھر جو گشت ڪري ورڪشاپ اسٽاپ وٽ پھچي جلسه عام ڪيو. احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، ضمير ڀٽو، خادم سمون، نصرت خاصخيلي، ڪرڙ ريٻاري، رازو مل، عزيزان نوناري، قاسم ڌماچ ۽ ٻيا شريڪ ھئا. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ڪئنالن خلاف جيئن نڪتي آھي ان جو ايم آر ڊي کانپوء 30-40 سالن ۾ مثال نٿو ملي، آصف زرداري ضيا ۽ مشرف کان وڌيڪ طاقتور ناھي. سنڌي ماڻھن ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نہ ڏنو، ٻٽو نظام ھلڻ نہ ڏنو، مارشلا قائم رھڻ نہ ڏني، 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا قائم نہ ٿي سگھندا. سنڌ دشمن سازشون ناڪام بنائي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ هنن کي ڪئنال ٺاهڻ ڪون ڏيندي، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وڃي تہ ڪئنال ٺاهي ويندا، ڪئنال ٺهن پيا، ڪم هلي پيو ، سنڌي ڪجھ نہ ڪري سگهندا،اهو غلط تاثر آهي. ڪينالن خلاف سڄي سنڌ اٿاري بيھاربي،اوھان آڏو ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر مان تاريخي مزاحمت ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ توھانکي غلط فھمي آھي تہ سڄي سنڌ ڪا حڪمران وڏيرن، سردارن، مرشدن، وزيرن، ڪامورن ۽ کرب پتين وانگر ھيڻي، موقعي پرست ۽ ڀاڙي آھي، سنڌ جي پورھيتن ۽ ھيٺين وچولي طبقي جو ٻچو ٻچو پنھنجي وطن، ڪئنالن خلاف آخري گھڙي ۽ آخري فتح تائين وڙھندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ سنڌ جي قيمت ادا ڪري حڪومت ورتي آھي، سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿين ۽ ٻڌائين تہ انھن کي ڪھڙو رستو اختيار ڪرڻو آھي سنڌ جي خوشحالي جو يا سنڌ جي تباھي جو. درياھ سان سنڌ آھي ۽ ملڪ آھي سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وڏي تباهي ۽ بربادي ڪنهن ڪئي آهي اھا آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪئي آهي. جيڪو ماڻھو درياھ بچائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪري ٿو، وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڳالھ ڪري ٿو سنڌ حڪومت انهن ماڻهن جي رستا روڪ ڪري ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا۔ سنڌ جا ٻار عورتون، ھاري، مزدور، استاد، شاعر، نوجوان پنهنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ منشيات پيپلز پارٽي جو ڏنل تحفو آهي،جنھن سان نوجوانن کي تباھ ڪيو پيو وڃي.سنڌ حڪومت سنڌ کي غلام بنائڻ لاءِ جھالت، غربت ۽ منشيات مسلط ڪري ڇڏي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي، نوڪرين، روزگار ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ صوبن کي 1940 جي قرارداد تحت مڪمل خودمختياري ڏني وڃي. آئين ۽ قانون تي عمل نہ ڪرڻ سبب ملڪ ۾ سدائين بحران واريون حالتون رهن ٿيون. ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري، معاشي بحران، سياسي بحرانن سبب عوام بدحالي جو شڪار آهي. صوبا ۽ ملڪ ترقي بدران پوئتي وڃي رهيا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سارے سندھ میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاجن جي لهر، رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو، ڀاڙن ۾ واڌ سان عوام پريشان
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: چشما ڳوٺ جو پرائمري اسڪول برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير طرفان مومن مليرائي لائبريري ۾ اسٽڊي سرڪل جو اهتمام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
آصف زرداري
ٽنڊو ڄام
0 تبصرے