English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ پاران تڪراري ڪئنالن خلاف ميرپورساڪرو ۾ ريلي
views
|
24th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ميرپور ساڪرو پاران ساڪرو شهر ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن، ساڪري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري ۾ "ڪئنال سمورا نامنظور – سنڌو تي ڌاڙو نامنظور" جا زوردار نعرا هنيا ويا.ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر رزاق چانڊيو، تعلقي صدر ٺارو خان شيخ، ھاري تحريڪ اڳواڻ دريا خان زئور، سنڌي ھاري تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر بلاول لاشاري، مظھر لاشاري، ادريس پليجو، ضلعي اڳواڻ رياض عباسي، ايوب انڙ، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي اگواڻ مجاھد بلوچ، عبدالله چانڊيو، سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي اڳواڻ فاضل بلاول لاشاري، عوامي تحريڪ ڪيٽي بندر جي صدر اسلم سمون، تعلقي گھوڙاباڙي جي صدر الله بخش بلوچ، لال چند مائسري، اقبال لاشاري، جبار لاشاري، نياز لاشاري، نياز خشڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ ساڪري جو صدر نويد لاشاري، ينگ سوشل نيٽورڪ جي اڳواڻ رزاق ڪلمت، سماجي اڳواڻ ڪي بي لاشار، عبدالغني عباسي، ڌڻي بخش لاشاري ۽ ٻين ڪئي. ريلي مين ساڪرو پوليس چوڪي کان نکتي شاھ لطيف چوڪ کان مين بس اسٽاپ تي پهتي، جتي مظاهرين ڌرڻو هڻي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.احتجاجي مظاهري دوران اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سازشي پاليسين ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي ڪنگال ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. اڳواڻن واضح ڪيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ زندگيءَ جي علامت آهي، ان تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي ويندي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وفاق ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي عوام دشمن پاليسين تان هٿ نه کنيو ته سنڌ جا ماڻهو وڌيڪ سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا عوام ھنن کي ان لاءِ اسيمبلي ۾ موڪليو ھو ته ھو عوام جي حقن جي ڳالھ ڪندا پر ھتي ته ھئي سنڌي ماڻهن جي ساه جي رڳ سنڌو درياه کسڻ جي ڳالھ پيا ڪن جيڪا سنڌي ماڻهو کي ڪڏهن به قبول ناھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
سنڌو درياهه مان
0 تبصرے