سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٽنڊوآدم ۾ احتجاج

سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٽنڊوآدم ۾ احتجاج

سانگهڙ (حسنين عاشق ساند) درياهن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ان مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف مختلف سياسي، سماجي، قومپرست پارٽين پاران سنڌو درياهه سان محبت جو اظھار ڪرڻ لا۽ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست پارٽين سميت شهرين ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ موجود هئا جن درياهه تي ڪئنال نامظور، سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور جھڙا نعرا لکيل ھئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي جسقم جي الهداد مري، آزاد ڪنڀر، شبير ڪوريجو، ايس يو پي جي سرور ابڙو، باغي مجاهد ٿهيم، شفيع محمد ساند، ادبي سنگت جي نور چاڪراڻي، اخلاق ورياه، گل حسن لاکو، ساجد چاڪراڻي، منصور ٻجورو، پي ٽي آئي جي فيض محمد ڏيرو، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي ڊاڪٽر بشير خاصخيلي، مٺل پڃارو، سپلا اڳواڻن پروفيسر ياد حسين شيخ، ذوالفقار علي جتوئي، پروفيسر سڪندر ملوکاڻي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي غلام قادر ڀچو، بار ڪائونسل جي ايڊوڪيٽ الطاف جوڻيجو، ايڊوڪيٽ اشرف علي پنهور، ايڊوڪيٽ عطاءُالله رند، ايڊوڪيٽ راشد علي خان، پاڪستان ميگھواڙ اتحاد جي مڌو چوهاڻ، آل پاڪستان ڪڇي اتحاد جي ڊاڪٽر امرشي ڪڇي، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر قمبر مري، جماعت اسلامي جي عبدالغفور انصاري سميت ٻين اڳواڻن چيو تہ اڄ پوري دنيا ۾ مھذب قومون پنھنجي وطن جي درياھن سان محبت جو اظھار ڪري رھيون آھن. ھنن چيو تہ اڄ درياھن جي عالمي ڏھاڙي تي اسان سنڌ واسين سنڌو درياءَ تي غيرقانوني زبردستي ڪئنال ٺاھڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھيون، ھنن چيو مھذب قومون درياھه کي پنھنجي زندگيءَ جو جياپو سمجھي ڀيٽا پيش ڪري رھيون آھن ۽ اسان جا حڪمران ھوڏ جي انڌي گھوڙي تي چڙھي سنڌي عوام جي جياپي سنڌوءَ تي ڇھه نوان ڪئنال ٺاھي لکين ايڪڙ زرعي زمينن کي ريگستان بڻائڻ لا۽ ڪوشش ڪري رهيا آھن. ھنن چيو تہ جيڪڏھن سنڌوءَ درياھہ تي زبردستي ڪئنال ٺاھيا ويا ته سنڌ جي عوام مزاحمت ڪندي. ھنن اھو به چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙيل عمل نه روڪيو ويو ته تحريڪ کي زور وٺائيندي ان جو دائرو وفاقي دارالحڪومت تائين وڌايو ويندو ۽ عالمي سطح تي سنڌوءَ تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف عالمي ڪورٽ سميت ٻين فورمن تي پڻ مخالفت ڪئي ويندي.