اجلاس ۾ يوم حضرت علي عه جي انتظامن جو جائرو ويو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) 21 رمضان المبارڪ حضرت علي جي شھادت جو ڏھاڙو ملھائڻ جي حوالي سان ضلعي انتظاميا طرفان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ سندس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ ھڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، چيف ميونسپل آفيسر عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ٽائون آفيسر سامارو فرحان لغاري، ٽائون آفيسر پٿورو سيد شمشير علي شاھ، سيد عباس علي شاھ، زمان کوسو سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو حضرت علي جي شھادت جو ڏھاڙو 21 رمضان المبارڪ انتھائي عقيدت و احترام سان ملهايو ويندو، ھن چيو ته حضرت علي جي شھادت جي ڏھاڙي تي صفائي و سٿرائي جا انتظام بھتر ڪيا وڃن، ان موقعي تي ھن ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي سي ايم او سميت سمورن ٽائون آفيسرن کي ھدايت ڪندي چيو ته حضرت علي جي شھادت جي ڏھاڙي تي نڪرندڙ جلوسن توڙي مجلس جي روڊ رستن جي صفائي و سٿرائي ڪرائي رپورٽ ڏني وڃي، ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حضرت علي جي شھادت جي ڏھاڙي تي نڪرندڙ جلوسن توڙي مجلس جي فل پروف سيڪيورٽيءَ جا انتظام ڪيا ويا آهن، ھن چيو تہ جيڪي بہ منتظمين آھن انھن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ حضرت علي جي شھادت جي ڏھاڙي تي ڪل ٻه جلوس نڪرندا ۽ پنج مجلسون ٿينديون، جڏھن ته ھڪ مجلس مرڪزي امام بارگاهه ڪنري ۾ منعقد ڪئي ويندي.
0 تبصرے