ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊالميا واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيپلزپارٽي جو مقامي اڳواڻ مارجي ويو، ايس ايس پي اوڀر فرخ رضا ملڪ موجب شانتي نگر چار مينار مسجد ويجهو موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻ، اڳوڻي ڪائونسلر فائق يوسف زئي تي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب فائق زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول جي ڪجهه ماڻهن سان دشمني به هلندڙ هئي هڪ سال اڳ ٻي ڌر جو هڪ شخص قتل به ٿيو هو، واقعي جي مختلف رخن سان جاچ ڪئي پئي، لاش ضابطي جي ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اوڀر ڊاڪٽر فرخ ملڪ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، گهرو وزير چيو ته قتل جي ڪارڻن جو پتو لڳايو وڃي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن
0 تبصرے