شرجيل ميمڻ پاران تشڪيل سنديلو جي ڀاءُ صحافي فرمان سنديلو ۽ سينئر صحافي مشتاق سرڪي سان رابطو
ڪراچي(رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران شهيد صحافي تشڪيل حيدر سنديلو جي ڀاءُ فرمان سنديلو سان رابطو، هر ممڪن مدد جي خاطري، خبر موجب اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سينيئر صحافي مشتاق سرڪي سان رابطو ڪري شهيد صحافي تشڪيل حيدر سنديلو واري واقعي بابت تفصيل ورتا، ان موقعي تي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ صحافي فرمان سنديلو سان پڻ فون تي رابطو ڪري سندس ڀاءُ شهيد تشڪيل حيدر سنديلو جي وڇوڙي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته شهيد تشڪيل حيدر سنديلو واري واقعي بابت آءِ جي سنڌ سان ڳالهائيندس، جڏهن ته شهيد جي پونئرن کي قانوني توڙي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي.
0 تبصرے