English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڀيڻ ۽ امڙ جي حمايت حاصل آهي، ڇهه ڪئنال منصوبو، زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، مزاحمت ڪنداسين ڀلي مرڻو ئي ڇو نه پوي: جونيئر ذوالفقار
124 views
|
09th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ماڻهن کي روڊن تي نڪرڻو پوندو، انقلاب لاءِ نڪرڻو پوندو: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
ٺٽو (شفيق ڀٽي) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽي ٺٽي لڳ ڇتوچنڊ ڀرسان بروهي ڳوٺ ۾ شھيد مير مرتضي ڀٽو سان گڏ شھادت ماڻيندڙ شھيد رحيم بروهي جي گهر پهچي سندس والده سان تعزيت ڪئي پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءُ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ۽ سنڌو دريا جي بحالي توڙي انڌي ٻلھڻ جي بقاءُ لاء تحريڪ جاري رکي ويندي سنڌ جو هر طبقو هن عوامي مزاحمتي تحريڪ ۾ اسان سان گڏ ساٿ ڏئي، ڪالاباغ ڊيم کي جدوجهد وسيلي رد ڪيوسين ڪئنالن کي به مزاحمتي تحريڪ وسيلي رد ڪري ڏيکارينداسين. منهنجي والد شھيد مير مرتضي ڀٽو ايم آر ڊي جي جدوجهد کان ويندي سندس شھادت تائين پنهنجي 50 کان مٿي شھيد ساٿين سان گڏ عوام لاء لازوال قرباني ڏني سندس ڇڏيل مشن کي راھ مشعل طور کڻي عوام ۾ نڪتا آھيون تاريخ ثابت ڪندي ته اسان سان غريب پيرين اگهاڙو عوام ماضي جيان گڏ آھي، شھيدن جو پيغام واضع آھي ته عوامي سياست ڪجي عوام لاء سياست ڪرڻ گهرجي عوام جي حقن لاء وڙھڻ گهرجي سياست جو مطلب ۽ مقصد آھي ته عوام لاء آواز اٿاريون، هن وقت سياست اميرن جي سياست بڻجي چڪي آھي ملڪ ۽ عوام کي ورهايو پيو وڃي اهڙين سازشن کي قبول نه ڪيو ويندو منهنجي والد جي خواهش ھئي ته ملڪ هڪ مضبوط جمهوري رياسر طور قائم دائم رهي، سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌو درياءُ جي ناياب نسل انڌي ٻلھڻ کي سخت خطرو لاحق آھي سنڌو دريا ۾ 15 سئو انڌي ٻلهڻ موجود آھن پر سنڌو دريا تي ڪئنال اڏڻ سان نه رڳو سنڌو سڪندو پر اهو ناياب نسل پڻ مري ويندو، سنڌو دريا ۾ هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ سبب ناياب ڊولفن انڌي ٻلهڻ مري رهيو آھي جيڪو لمحه فقريه آھي، سنڌو دريا جي مٿان گذرندي اسان ڏٺو ته اهو پاڻي جو دريا هاڻي رڳو واري ۽ ريت ئي ريت بڻجي ويو آھي، اسانجو مستقبل ڀيانَڪ ڏيکاريو پيو وڃي جو اسانجي مستقبل لاء پاڻي ئي نه هوندو جيڪا خطرناڪ صورتحال آھي. جيئن ڪالاباغ ڊيم خلاف اسان وڙھياسين تيئن هنن ڪئنالن خلاف ويڙھ جاري رکي ويندي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن هارين کي اپيل ٿو ڪيان ته اهي همٿ ڪن ۽ هي جنگ گڏجي وڙھڻ ۾ اسانجو ساٿ ڏين اسين هيءَ جنگ انشاء الله کٽينداسين، شھيد مير مرتضي ڀٽو جي شھيد ساٿي شھيد رحيم بروهي جي تڏي تي پهچي عذر خواهي جي موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ شھيد مير مرتضي ڀٽو جا ساٿي ڪامريڊ نواز علي بروهي نور محمد گگو چاندي خان بروهي رمضان بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جونيئر ذوالفقار
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
0 تبصرے