ملير ۾ رائيس مل جي پورهيتن جو انتظاميه خلاف ٻن ڏينهن کان ڌرڻو جاري

بن قاسم انڊسٽريل ايريا ۾ قائم يونائيٽيڊ قاسم رائس ملز جي مزدورن ٻئي ڏينهن به ڌرڻو هنيو

ملير ۾ رائيس مل جي پورهيتن جو انتظاميه خلاف ٻن ڏينهن کان ڌرڻو جاري

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)پورٽ قاسم يونائيٽڊ رائس مل جي پورهتين جو گذريل ٻن ڏينھن کان مل انتظاميا خلاف مل جي مين گيٽ آڏو احتجاج مظاهرو ڌرڻو مزدورن کي ايمرجنسي جي صورت م ايمبولينس نٿي ڏني وڃي ۽ نه ئي پڪ اينڊ ڊراپ جي سھوليت آهي جنهن سبب پگهار جا پئسا ڪرائي ۽ علاج ۾ پورا ٿي ويندا آهن تفصيل موجب ملير بن قاسم انڊسٽريل ايريا ۾ قائم يونائيٽيڊ قاسم رائس ملز جي سوين مزدورن ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ليبر يونين جي اڳواڻن نويد سولنگي گل حسن سولنگي فقير عبدالغني اوڳاهي حاجي مستوئي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پورٽ قاسم انڊسٽريل ايريا جي سوين ڪارخانن ۾ هزارين پورهيت ڪم ڪري رهيا آهن پر اڪثر ھنڌن تي مزدورن کي مناسب حق نه پيا ڏنا وڃن هن مهانگائي جي دور ۾ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر به نه ٿا ڪري سگهون مزدورن کي صحت جي سهولتن سميت ايمبولنس نه پئي ڏني وڃي يونائيٽيڊ رائس مل انتظاميا اسان سان ناجائزيون ڪري پورهتين جا حق کائي رھي آھي ٻه ڏينھن گذرڻ باوجود مل انتظاميا سميت ڪو به ڳالھين لاء نه پھتو آھي جيستائين پورهتين کي پنهنجا حق نه ڏنا ويندا تيستائين احتجاج جاري رھندو