English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اڳوڻو وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري عدالت ۾ پيش
37 views
|
07th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري(رپورٽر) اڳوڻو وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي عدالت ۾ پيش، پڪو چالان پيش ڪرڻ لاءِ 15 مارچ جي تاريخ مقرر. ڏوڪريءَ ۾ اڳوڻو صوبائي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضي جتوئي پنهنجي وڪيلن سان گڏ ڏوڪريءَ جي عدالت ۾ پيش ٿيو. اڳوڻو صوبائي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڊيوٽي اٽڪاءَ جي ٻن ڪيسن ۾ جوڊيشنل ماجسٽريٽ اينڊ سول جج 2 بلاول رفيق بروهي جي عدالت ۾ پيش ٿيو. مرتضيٰ جتوئيءَ خلاف ڏوڪري ٿاڻي تي ڪيس نمبر 02/2025 سيڪشن 324، 353، 401 پي پي سي تحت ۽ باڊهه ٿاڻي تي ڪيس نمبر 09/2025 سيڪشن 324، 402، 353 پي پي سي تحت داخل آهن، جيڪي ٻئي ڪيس پوليس سان ڊيوٽي اٽڪاءَ بابت آهن. پيشي دوران مرتضي جتوئيءَ جي وڪيلن طرفان سندس ضمانت آرڊر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس جو ڪچو چالان اڳ ئي پيش ٿيل هو. عدالت پڪو چالان جمع ڪرائڻ لاءِ 15 مارچ 2025 جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻ مرتضي جتوئي کي تعلقي بار صدر الطاف حسين کوکر، سئينر وڪيل قاضي منظور احمد، تعلقہ بار جنرل سيڪريٽري محمد هاشم چانڊيو ۽ ٻين وڪيلن پاران بار ۾ شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
غلام مرتضيٰ جتوئ
0 تبصرے