سيٺارجا ٿاڻي تي ٽن ڄڻن خلاف ناري جي اغوا جو ڪيس داخل

سيٺارجا ٿاڻي تي ٽن ڄڻن خلاف ناري جي اغوا جو ڪيس داخل

سيٺارجا (رپورٽر) سيٺارجا ٿاڻي تي ٽن جوابدارن مٿان نوجوان ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي الزام تحت ڪيس داخل،سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ نوت شهيد جي رهواسي لال ڏنو انصاري جي فرياد ٽن ڄڻن منور، شاهد انصاري ، زاهد انصاري خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي تہ منهنجي 16 ورهين جي ڌيءَ کي جوابدار هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آھن ، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڌر جو چوڻ آھي تہ سوفيا انصاري منور انصاري سان پيار جي پرڻي جي لاءِ گهران نڪتا هئا جن کي سيٺارجا پوليس گذريل ڏينهن کان گم ڪري ڇڏيو آھي جن کي هن وقت تائين پوليس ظاهر نہ ڪيو آھي نہ ئي ڪنهن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو آھي ، ٻئي طرف سيٺارجا ٿاڻي جي ايس ايچ او عاشق علي ابڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ فريادي جي ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ڳجهي اطلاع تي الزام هيٺ آيل نوجوان ۽ ناري سوفيا کي برآمد ڪيو آهي ناري سوفيا انصاري کي سڀاڻي قلم 164 تحت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن بعد عدالتي حڪم ۽ نينگري جي رڪارڊ ڪرايل بيان تحت قانون موجب ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي