ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروزجي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ جي انتظامن بابت اجلاس

ناجائز منافعي خوريءَ، هٿرادو وڪرو ۽ ذخيره اندوزي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن: محمد ارسلان سليم

ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروزجي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ جي انتظامن بابت اجلاس

نوشهروفيروز (ڊ ر ) ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ جي انتظامن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ عوام کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر ڪرڻ ۽ رمضان المبارڪ ۾ ناجائز منافعي خوريءَ، هٿرادو وڪرو ۽ ذخيره اندوزي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سرڪاري کاتن جي عملدارن، واپارين، دڪاندارن ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ عام شهرين کي کاڌي پيتي جو سامان مقرر اگهن تي وڪرو ڪيو وڃي. هن سوئي گيس کاتي ۽ سيپڪو عملدارن کي حڪم ڪيو ته رمضان المبارڪ دوران غير ضروري لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. هن سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي تعلقي سطح تي گڏجاڻيون منعقد ڪن ۽ بازارن، سبزي ۽ فروٽ مارڪيٽن جو دورو ڪن ۽ وڌيڪ اگھر وٺندڙ دڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن سمورن دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي دڪانن تي انتظاميا طرفان مقرر ڪيل قيمتن جون لسٽون ضرور ڏيکارين ته جيئن عام گراهڪن کي خريداري ڪرڻ وقت سهولت ملي سگهي. ھن چيو ته هر تعلقي ۾ سستي کنڊ جي فراهمي لاءِ اسٽال لڳايا ويندا ۽ ضلعي جي سمورن شهرن ۾ رمضان بچت بازار پڻ لڳايا ويندا. هن واپاري تنظيمن جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران عام شهرين کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون وڪڻڻ ۾ ضلعي انتظاميا سان سهڪار ڪيو وڃي. ان موقعي تي هن واپاري تنظيمن ۽ دڪاندارن پاران ضلعي انتظاميه طرفان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا ويا.