ڪتاب وڪرو ڪرڻ وارا الزام ثابت نه ٿيڻ تي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر عبدالجبار ککراڻي کي بحال ڪيو ويو
ملير (ڊي ڪي شر) سرڪاري ڪتابن جي وڪري جي الزام هيٺ معطل ملير جي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر عبدالجبار ککراڻي تي لڳل الزام ثابت نه ٿيڻ تي کيس عهدي تي بحال ڪيو ويو، ڊي اي او پرائمري ملير اقبال حسن ميمڻ جو چوڻ هو ته عبدالجبار ککراڻي هڪ ايماندار ۽ بي داغ آفيسر آهي. اهڙن ڪوڙن الزامن جي سخت مذمت ڪرڻ گهرجي. ڪجهه مفاد پرست ماڻهو ايماندار آفيسرن کي برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ انهن تي بي بنياد الزام لڳائي کين تنگ ڪندا آهن. ملير جي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نبي بخش شر بلوچ، حاجي خان تينو,ٽي اي او سيڪنڊري گڏاپ ٽائون محمد سليمان بلوچ , ٽي اي او گڏاپ ٽائون رشيد احمد معرفاڻي،محمد آصف جلباڻي , پي ٽي الف ملير جي صدر غلام سرور گورگيج ۽ پي ٽي الف گڏاپ ٽائون جي صدر وڏيرو اعزاز جوکيو پاران عبدالجبار ککراڻي کي عهدي تي بحال ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون
0 تبصرے