English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀينس ڪالوني واسي واپاري ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي ويو
111 views
|
26th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
14ورهين کان وڏو ڀاءُ خليل، ڀائٽيو شڪيل ۽ سندس ٽولو زيادتيون ڪري رهيو آهي: محمد ارشد آرائين
ملير(رپورٽر)ڪاروباري ساڙ ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بڻائي ڇڏيو ، ڀينس ڪالوني جو واپاري وڏي ڀاءُ جي ظلمن خلاف تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهچي ويو، 14سالن کان وڏي ڀاءُ ڀائٽي ۽سندن ٽولي جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڪاروبار ۽ ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، منهنجي مٿا زنا، ڌمڪين جا ڪوڙا ڪيس ۽ 4 پٽيشنو داخل ڪرايون ويون جتان آجو ٿيوس ته اڻڄاتل ماڻهن موڪليا ويا آهن جيڪي صبح شام منهنجي گهر اڳيا لامار ڏئي هراسان ڪري رهيا آهن گهر ڀاتين سميت حياتي کي خطرو آهي مونکي يا ڪٽنب مان ڪنهن کي به ڪجھ ٿيو ته ذميوار ڀاءُ ۽ بائِيٽو هوندا،سنڌ حڪومت، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل ٽولي خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي، محمد ارشد آرائين جي پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهيون تفصيل موجب ڀينس ڪالوني جو واپاري محمد ارشد آرائين وڏي ڀاءُ جي ظلم کان تنگ ٿي عوامي پريس ڪلب ملير پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪاروباري ساڙ سبب وڏو ڀاءُ خليل احمد ۽ ڀائيٽو شڪيل احمد جاني دشمن بڻجي ويا آهن جن جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي جن ٻين ماڻهن کي فرياد بڻائي رحيم يار خان ۾ منهنجي خلاف زنا ۽ چوري جا ڪيس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا جن مان آجو ٿيس هن چيو ته ان کان اڳ 2015 ۾ هڪ ڏينهن تي منهنجي خلاف رحيم يار خان ۾ چوري جي پٽيشن داخل ڪرائي وئي ۽ ساڳي ڏينهن تي هڪ ڪلاڪ جي واقفي سان اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڌمڪين جو ڪيس به داخل ڪرايو ويو پٽيشن ۽ ڪيس ۾ ساڳي ماڻهون کي گواھ ڪري ڏيکاريو ويو آهي هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته آئون پنجاب ۽ سنڌ ۾ 2 ڌار ڌار ڪاروايون ڪري سگھان ننهن بنياد تي سمورا ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا هن چيو ته رحيم يار خان مان لڏي ڪراچي جي ڀينس ڪالوني ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي پر ڀاءُ ۽ سندس ٽولي اتي به منهجو پيڇو ناهي ڇڏيو ۽ هاڻ منهنجي ڪاروبار ۽ ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ اڻڄاتل ماڻهن موڪليا پيا وڃن جيڪي صبح شام منهنجي گهر اڳيا لامار ڏئي هراسان ڪري رهيا آهن جنهن سبب منهنجو ۽ ٻارن ٻچن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي ان حوالي سان پوليس کي درخواست ڏني پر وصول نه ڪئي وئي جنهن بعد ڪاروائي لاءِ ملير ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي هن چيو ته گهر ڀاتين سميت حياتي کي خطرو آهي مونکي يا ڪٽنب مان ڪنهن کي به ڪو جاني نقصان ٿيو ته ان جا ذميوار ڀاءُ خليل احمد ۽ بائِيٽو شڪيل ۽ ان جا ساٿي هوندا، هن سنڌ حڪومت، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل ٽولي خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ڀينس ڪالوني
محمد ارشد آرائين
0 تبصرے