English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ڊيلي ويجز ملازمن پاران برطرفي خلاف مظاهرا
views
|
17th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ، سکر، ميرپورخاص، ڪشمور، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ برطرف ملازمن پاران بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
ڪشمور/عمرڪوٽ/ ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ڊيلي ويجز ملازمن پاران برطرفي خلاف مظاهرا ڪيا ويا، سکر ۾ يوٽيلٽي ڪارپوريشن سکر جي ملازمن پاران 3500 هزار ڊيلي ويجز ملازمن کي نوڪرين تان فارغ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جو چوڻ هو ته سکر زون جي 6 ريجنز ۾ 218 ڊيلي ويجز ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. برطرف ڪيترائي ملازم 18سالن کان يوٽيلٽي ڪارپوريشن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا هئا. هاڻي حڪومت 3500 ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي به برطرف ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. ايبٽ آباد ريجن جي ڊيلي ويجز ملازم جنيد قريشي بيروزگاري سبب خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. حڪومت فوري طور تي برطرف ملازمن کي بحال ڪري ٻئي صورت ۾احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ميرپورخاص يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪانٽيڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ھزارين ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو بحال ڪرڻ جو مطالبو . اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آھي ته حڪومت ھزار ڊيلي ويجز ۽ ڪانٽيڪٽ تي ڀرتيٿيل ملازمن کي برطرف ڪري ناانصافي ڪئي آهي, جنهن سان هزارين خاندان بيروزگار ٿي ويندا، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناھي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ريجنل آفيس طرفان جاري ڪيل برطرفي جا ليٽر واپس وٺي بحال ڪيو وڄي ، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.دادو ۾ يوٽلٽي اسٽورز جا 3 هزار ڊيلي ويجز ملازمن کي هٽائڻ خلاف دادو ۾ ملازمن جو احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، يوٽلٽي اسٽورز جي ملازمن علي اصغر شاھ ، بشير احمد ڪوريجو ، محمد افضل کوکر ۽ صغرا عباسي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي علامه آء آء قاضي لائبروري کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو، حڪومت هٿ وٺي مهانگائي ڪرڻ لاء رات جي اونداهي ۾ 3 هزار ملازم هٽايا آهن، ملازمن کي بحال نه ڪيو ويو ته ڀرپور احتجاج ڪنداسين ، ڪشمور ۾ يوٽيلٽي ملازمن پاران ڊيلي ويجز ملازمن کي وفاقي حڪومت طرفان برطرف ڪرڻ خلاف پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ذوالفقار علي ملڪ، سعيد احمد ڪنڀر ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته اسين گذريل چوڏنهن سالن کان يوٽيلٽي اسٽور ھلائ رهيا آهيون وفاقي حڪومت ڊيلي ويجز ملازمن کي ھٽائ پگهارون بند ڪري ملازم کي فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي حڪومت طرفان ڪيل فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت پنھنجي جائز حقن خاطر اسلام آباد ۾ ڌرڻو لڳائي پرامن احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويندو، يوٽيلٽي اسٽور ملازمن جو پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو تفصيل موجب حڪومت پاران 3000 يوٽيلٽي اسٽور ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽور جي ملازمن اھد خان راھمون، ڪريم منڱريو، آتم سميجو، عثمان منڱريو منٺار راھمون، احمد خان، اڪرم علي راھمون ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ھنن چيو تہ اسين گذريل 15/16 سالن کان ملازمت ڪري رھيا آھيون اسين ڊيلي ويجز تي ڪم ڪري رھيا آھيون پوءِ بہ اسانکي نيڪالي ڏني پئي وڃي ھنن چيو تہ ٽن ھزار ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو اعلان حڪومت پاڪستان واپس وٺي ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ سراسر ظلم آھي جنھن سان ڪيترائي گھر فاقه ڪشي جو شڪار ٿيندا جنھن جي اسان سخت مزمت ڪريو ٿا اگر حڪومت پاڪستان پنھنجو اعلان واپس نہ ورتو تہ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پيروسڻ ۾ نوجوان ناري پاران پنهنجي پيءُ تي جنسي زيادتي جو الزام، ڪيس داخل
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو قومي شاهراهه تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي ٿي پيا
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڇهه ڪئنال سنڌ جي تباهي آهن: سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سينئر سياستدان نوان يوسف ٽالپر جو ٽيجهو، سياسي سماجي شخصيتن جي شرڪت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪشمور
يوٽيلٽي اسٽورز
0 تبصرے