English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڇهه ڪئنال سنڌ جي تباهي آهن: سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
views
|
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو في مڻ 4000 ھزار روپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو في مڻ 4000 ھزار روپيا سرڪاري اگھ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري سنڌ حڪومت آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪري، سنڌ ۾ جيڪي بہ وڏا فصل لھن ٿا انهن جا اگھ ھٿرادو ڪيرايا وڃن ٿا. 2000 في مڻ ڪڻڪ خريد ڪرڻ سان سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو ويندو.سنڌ جي آبادگارن کي ھر وڏو فصل لھن کانپوء نقصان ڏنو وڃي ٿو. فصلن جا ھٿرادو اگھ ڪيرائي معاشي طور چيلھ ٽوڙي سنڌ جي ھاري ۽ آبادگار کي ڪنگال ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي آبادگارن جو استحصال بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن آئي ايم ايف جي ھدايتن تي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون ويون آھن. حڪومت جون معاشي پاليسيون صرف حڪمران طبقي کي فائدو ڏئي رھيون آھن. پورھيت طبقو تيزي سان تباھي طرف وڌي رھيو آھي. لکين خاندان غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. اياز لطيف پليجي سنڌو درياھ تي ڪئنال منصوبن کي ملڪ ۽ سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي چيو تہ 6 نوان ڪئنال سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھن ، سنڌو درياءَ تي ڪو بہ ڪئنال قبول نہ ڪيو ويندو. آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. سنڌ جا ٻيٽ، وسيلا، لکين ايڪڙ زمينون، ملڪيتون، گئس، ڪوئلو، بندرگاھون، پاڻي، روزگار سميت سنڌ جي ھر شيء چوٿون ڀيرو اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري تين وال ڪري رھيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي. وفاقي حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا. حڪمران سمجھن ٿا تہ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري رھيو آھي. انڪري سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال قبول ناھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
16th Apr 2025
•
سندھ
کراچی میں ٹریفک قوانین کی خلاف ورزی, ایک ہفتے کے دوران 11,276 موٹر سائیکلیں اور 223 بھاری و ہلکی گاڑیاں ضبط
16th Apr 2025
•
تازہ ترین
بی این پی مینگل کا 20 روز سے جاری دھرنا ختم کرنے کا اعلان
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڌڻي پرتو ڳوٺ ۾ پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے