مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي دي سٽي هائر سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوآدم ۾ تقريري مقابلو

مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي دي سٽي هائر سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوآدم ۾ تقريري مقابلو

سانگهڙ (حسنين عاشق ساند) مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي دي سٽي هائر سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوآدم طرفان تقرير مقابلو منعقد ڪيو ويو. اسڪول جي گرلز ڪيمپس ۾ ٿيل هن شاندار مقابلي ۾ شاگردياڻين انگريزي، اردو، سنڌي، پنجابي ۽ بلوچي ٻولين ۾ تقريرون ڪري خوب داد حاصل ڪئي. تقريب جي صدارت اسڪول جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مرزا اشفاق بيگ ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي اسڪول جي استادن سان گڏ پريس ڪلب ٽنڊوآدم جو اڳوڻي صدر وسيم فاروقي، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ورڪرز جي سيڪريٽري جنرل عاشق حسين ساند، راشد چوهان، احسان غوري ۽ ٻين شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مرزا اشفاق بيگ، وسيم فاروقي، عاشق حسين ساند ۽ ٻين چيو ته مادري ٻولي صرف ڳالهائڻ جو ذريعو نه پر اها اسان جي سڃاڻپ ۽ ثقافت جو اهم حصو آهي. هنن چيو ته تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان ٻارن ۾ خود اعتمادي وڌي ٿي ۽ انهن جي تخليقي سوچ کي هٿي ملي ٿي. پر، بدقسمتي سان، ڪيترين ئي علائقائي ٻولين کي ختم ٿيڻ جو خطرو لاحق آهي. مقررن زور ڏنو ته اسان سڀني کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي اهميت کي تسليم ڪندي ان کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڇو ته هر ٻولي پنهنجي اندر نوان خيال، تصورات ۽ دنيا کي ڏسڻ جا منفرد انداز رکي ٿي، جيڪي انساني ثقافت جي سونهن وڌائين ٿا.