سينيٽر رضا رباني، سيد سردار شاهه، آغا سراج دراني، راڻا همير سنگهه سوڍو ۽ ٻيا به تڏي تي پهتا
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سينيئر سياستدان پ پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي ڳوٺ مانجھاڪر ۾ تعزيت جو سلسلو جاري، اڄ ٽيجھو ٿيندو، پ پ جي چونڊيل ايم اين ايز، ايم پي ايز سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران تڏي تي پھچي تعزيتون، نواب يوسف ٽالپر جو وڇوڙو سنڌ لاءِ وڏو نقصان قرار. خبر موجب 4 مارچ جي هيرو، سينيئر سياستدان، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو جاري آھي، ڳوٺ مانجھاڪر ۾ وڇايل تڏي تي سندس فرزندن ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ميمبر ضلع ڪائونسل محمد يونس ٽالپر ۽ سندس خاندان سان مختلف ايم اين ايز، ايم پي ايز، سياستدانن، سياسي سماجي شخصيتن، آفيسرن ۽ علائقي واسين پاران وڏي انگ ۾ پھچي عذر خواهي ڪئي وئي، تڏي تي اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ سينيٽر رضا رباني، تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ، سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ايم اين اي ۽ جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پير امير علي شاھ جيلاني، وڏي وزير جي خاص معاون احسان مزاري، ايم پي ايز امتياز شيخ، راڻا ھمير سنگھ سوڍو، قاسم سراج سومرو، ارباب لطف الله، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، اعجاز شاھ، ڊاڪٽر سھراب سرڪي، بھادر ڏاھري ۽ ٻين پاران ڳوٺ مانجھاڪر پھچي نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي سندس فرزند نواب تيمور ٽالپر، نواب يونس ٽالپر سان تعزيت ڪئي، اڳوڻي ايم اين اي گل محمد جکراڻي، اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي، ايوان زراعت جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي، ڄام مدد علي جوکيو، اسد مينگل، پ پ اڳواڻ ۽ مالھي برادري جي معزز شخصيت سيٺ مدن لال سوماڻي، ڪنول موھن لال رتناڻي، ڪامريڊ نند لال مالھي ۽ ٻين تڏي تي پھچي عذرخواهي ڪئي، اڳواڻن پاران نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي گھري ڏک ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته سموري سنڌ يتيم ۽ لاوارث ٿي وئي آھي، نواب يوسف سنڌ جو سگهارو آواز هو، جيڪو ڪالھ پڄاڻي تي پھتو آھي، پاڻي، زراعت جي مسئلي تي نواب يوسف قومي توڙي اسيمبلي فلور تي سڀ کان وڌيڪ آواز اٿاريو، هنن چيو ته نواب يوسف ڏاھپ ۽ ڄاڻ رکندڙ شخصيت هئي، هر معاملي دليلن سان کڻندو هو، نواب يوسف انتهائي قابل ۽ دانا شخص هو، اھڙيون شخصيتون صدين ۾ جنم وٺن ٿيون، ڊاٽ جي راڻا ۽ ايم پي اي راڻا همير سنگھ سوڍو چيو ته نواب يوسف ٽالپر ۽ راڻا چندر سنگھ سان گھڻو وقت سياست گڏجي ڪئي، نواب يوسف جي وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آھي هو ليڊر نه پر ليجنڊ هئا، ايم پي اي قاسم سراج سومرو چيو ته نواب يوسف هڪ جدوجھد جو نالو هو، هن شاگرد سياست کان وٺي پارلياماني سياست تائين سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙھيو، هن سنڌ جي حقن ۽ بقا جي لاءِ هميشه جنگ وڙھي. ون يونٽ سنڌ سان ٿيل ويڌن خلاف تحريڪ ۾ نواب يوسف لازوال ڪردار ادا ڪيو جڏھن ون يونٽ ۾ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو پئي لڳو ان وقت نواب يوسف پاڻ ملهايو، هن چيو ته نواب يوسف ٽالپر ڪئنالن، پاڻي، واٽر سميت سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور آواز اٿاريو کيس سنڌ ھميشه ياد رکندي، نواب يوسف جي ڪردار کي اسان لفظن ۾ بيان نٿا ڪري سگهون ٻئي پاسي نواب يوسف ٽالپر جو ٽيجھو اڄ ڳوٺ مانجھاڪر ۾ ٿيندو، جنھن ۾ پڻ پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت جي شموليت جا امڪان آھن
0 تبصرے