ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قمبر سجاد حيدر قادري جي صدارت هيٺ گڏجاڻي

گڏجاڻي ۾ ڊي سي ضلع قمبر شهدادڪوٽ سليم ﷲ اوڍو جي وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قمبر سجاد حيدر قادري جي صدارت هيٺ گڏجاڻي

قمبر(رپورٽر) قمبر شهدادڪوٽ ايٽ قمبر ضلعي ۾ 15 مئي کان 21 مئي 2023ع تائين شروع ٿيندڙ پوليو مھم جي حوالي سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قمبر سجاد حيدر قادري جي صدارت هيٺ ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ضلع قمبر شهدادڪوٽ سليم ﷲ اوڍو جي وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت. ميٽنگ کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر الطاف حسين ٻرڙو چيو ته اسان جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ٽوٽل آبادي تقريبن 14 لک آھي ۽ تعلقن جو تعداد 7, يو سي ايم او 40, ايس ايم ٽي يو سي 8 ۽ نان ايس ايم ٽي يو سي 32 آھن. ھن وڌيڪ بريفنگ ڏيندي چيو ته پنجن سالن کان گهٽ عمر واري ٻارڙن جو تعداد 367773 آھي جن کي ھن پوليو مھم دوران ڦڙا پياريا ويندا، اسان جون ٽيمون 976، ٽرانزٽ پوائنٽس جو تعداد 72، فڪسڊ ٽيمون 65 ۽ EPI سينٽرن جو تعداد 62 آھي. ھن وڌيڪ چيو ته تعلقي شھدادڪوٽ۽ قبو سعيد خان ۾ انڪارين جو تعداد گھڻو آھي. جيڪي اسان جي پوليو ٽيم ورڪرن سان تعاون نه ٿا ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ٿا ڇڏين. جنھن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر - ون قمبر سجاد حيدر قادري اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيار صاحبان کي ھدايتون ڏيندي چيو ته جنھن به ٻارڙن جا والدين پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري رھيا آھن انھن سان ملاقات ڪري انھن کي سمجهائن ته ھو پنھنجن پيارڙن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ته جيئن ھو ھن موذي مرض کان بچي سگهن. ان موقعي تي ڊي ايڇ او قمبر ڊاڪٽر سرتاج اڪبر جج ،ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر نازيا آصف، يونيسيف جو نمائندو تنوير احمد، DSO (WHO) ڊاڪٽر غفار ڀٽي، پوليس، اين جي اوز ۽ PPHI جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.