ملير: ڪار ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، 2 معصوم ٻارڙا فوت، 6 زخمي

درساڻو ڇنو ڀرسان لنڪ روڊ تي ڪار ۽ سوزوڪي ۾ آمهون سامهون ٽڪر، ٻارڙا عبدالرحمان ۽ عبدالرحيم فوت، عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿيا

ملير: ڪار ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، 2 معصوم ٻارڙا فوت، 6 زخمي

ملير (رپورٽر) درساڻو ڇنو ڀرسان لنڪ روڊ ڪار ۽ سوزڪي وچ ۾ ٽڪر 2 معصوم ٻارڙا فوت، هڪ عورت سميت 6 زخمي، جناح اسپتال منتقل ، گهر ۾ ڪهرام تفصيل موجب تفصيل موجب ملير جي درساڻو ڇنو ڀرسان لنڪ روڊ وٽ ئ ڪار ۽ سوزڪي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻارڙا عبدالرحمان ۽ عبدالرحيم فوت ٿي ويا جڏهن ته پيءُ "عرفان آرائين سميت عورت ۽ سائين بخش ملڪاڻي، ،امام بخش خاصخيلي سميت 6 زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻارڙن جي مڙهن ۽ زخمي کيجناح اسپتال منتقل ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، اب سلسلي ۾ ٻڌايو ويو وڃي ٿه ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ الٽو ڪار ۽ ڪراچي کان ٺٽو ويندڙ سزوڪي پڪ ۾ حادثو پيش آيو جنهن سبب گاڏيون مڪمل تباھ ٿي ويون، پوليس موجب 2 ٻار فوت ۽ پيءُ سميت ٻيا زخمي ٿيا آهن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي