22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن

سيد غلام مصطفي شاھ

22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن

هر سال 22 فيبروري تي دنيا ۾ اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جيڪو اسڪائوٽنگ جي باني لارڊ رابرٽ بيڊن پاول جي سالگره جي مناسبت سان منسوب آهي. هي ڏينهن اسڪائوٽ تحريڪ جي تاريخ کي ياد ڪرڻ ۽ نئين نسل کي ان جي اصولن سان روشناس ڪرائڻ جو اهم موقعو هوندو آهي. اسڪائوٽنگ رڳو هڪ تنظيم نه، پر هڪ اهڙو عملي نصاب آهي، جيڪو نوجوانن کي چئلينجن سان منهن ڏيڻ، خودمختياري حاصل ڪرڻ، ۽ سماجي خدمت ڪرڻ جي صلاحيتن سان نوازيندو آهي.

اسڪائوٽنگ جي شروعات 1907ع ۾ انگلينڊ جي براؤن سي ٻيٽ تي لارڊ بيڊن پاول طرفان ٿي، جتي 20 نوجوانن لاءِ هڪ تجربيڪار ڪئمپ لڳائي وئي.ان جو مقصد نوجوانن ۾ خود اعتمادي، نظم و ضبط، ۽ فطرت سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ هو. هيءَ ڪئمپ تمام ڪامياب ثابت ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 1908ع ۾ "اسڪائوٽنگ فار بوائز" نالي ڪتاب شايع ڪيو ويو،جيڪو تحريڪ جو بنيادي دستور بڻجي ويو.

1920ع ۾ پهرين عالمي اسڪائوٽ ڪانفرنس لنڊن ۾ ٿي، جتي لارڊ بيڊن پاول کي "دنيا جو چيف اسڪائوٽ" مقرر ڪيو ويو. هيءَ تحريڪ تيزي سان وڌڻ لڳي ۽ اڄ 270 کان وڌيڪ ملڪن ۾ 5 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ اسڪائوٽس ان جو حصو آهن، جيڪي تعليم، ماحولياتي تحفظ، قدرتي آفتن دوران امدادي خدمتون، ۽ ٻين سماجي بهتري جي منصوبن ۾ شامل آهن.

پاڪستان ۾ اسڪائوٽ تحريڪ جي شروعات 1947ع ۾ ملڪ جي آزادي کان پوءِ ٿي. پهرين ڊسمبر 1947ع تي ڪراچي ۾ پهريون اسڪائوٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي ملڪ جو پهريون چيف اسڪائوٽ مقرر ڪيو ويو.قائداعظم نوجوانن کي مستقبل جو معمار سمجهندو هو، ۽ ان ئي ويزن تحت اسڪائوٽ تحريڪ پاڪستان ۾ هڪ منظم شڪل اختيار ڪئي.وقت سان گڏ، پاڪستاني اسڪائوٽس تعليمي ادارن، قدرتي آفتن ۾ رضاڪاراڻيون خدمتون، ۽ قومي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لڳا.

اسڪائوٽ تحريڪ جو بنيادي اصول "تيار رهو" (Be Prepared) آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هر اسڪائوٽ کي ڪنهن به صورتحال لاءِ هميشه تيار رهڻ گهرجي.هيءَ تحريڪ نوجوانن کي خود اعتمادي، ذميوار شهري بڻائڻ، اڳواڻيءَ جون صلاحيتون پيدا ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ جو شعور ڏيڻ، ۽ سماج جي ضرورتمند طبقن جي خدمت ڪرڻ سيکاري ٿي.لارڊبيڊن پاول جو مشهور قول آهي تہ "اسڪائوٽنگ جو مقصد نوجوانن کي ڪتابن مان ڪڍي کين عملي زندگي جا سبق سيکارڻ آهي."

اسڪائوٽنگ جي تربيت سان نوجوانن ۾ قيادت جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي، جيڪا کين ايندڙ زندگيءَ جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪري ٿي. اسڪائوٽس کي ڪئمپنگ، هائڪنگ، بقايا مهارتن، ۽ اجتماعي خدمت جا موقعا ڏنا وڃن ٿا، جيڪي رڳو تفريح نه پر عملي زندگي ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.هر سال 22 فيبروري تي اسڪائوٽ تحريڪ سان لاڳاپيل ادارا ۽ اسڪول تقريبون ملهائيندا آهن.ان موقعي تي ريليون ڪڍيون وينديون آهن، ڪئمپ فائر منعقد ڪيا ويندا آهن، سماجي خدمتن جا پروگرامن ٿيندا آهن، ۽ اڳواڻي جي تربيت جا ورڪشاپس منعقد ڪيا ويندا آهن.اسڪائوٽس مختلف سرگرمين ذريعي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا.جيئن ماحولياتي سڌاري لاءِ مهمون

غريب علائقن ۾ طبي ڪئمپون

رت جي عطئي جون مهمون

قدرتي آفتن ۾ امدادي خدمتون

معذورن ۽ ضرورتمند ٻارن جي مدد

اسڪائوٽس کي مختلف انعامن سان پڻ نوازيو ويندو آهي،جيڪي سندن صلاحيتن کي تسليم ڪرڻ جو اظهار هوندا آهن. انهن ۾ چيف اسڪائوٽ ايوارڊ، گولڊن جوبلي اسڪائوٽ ايوارڊ، ۽ صدر اسڪائوٽ ايوارڊ شامل آهن، جيڪي انهن نوجوانن کي ڏنا وڃن ٿا، جيڪي غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا.اڄ جي جديد دور ۾ جڏهن نوجوانن جو ڌيان ٽيڪنالاجي ڏانهن وڌي رهيو آهي، اسڪائوٽنگ کين فطرت سان جوڙي، جسماني سرگرمين ۽ اجتماعي ڪم ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏئي ٿي. اسڪائوٽس نه رڳو مشڪل حالتن ۾ پاڻ کي سنڀالڻ سکندا آهن، پر سماجي ذميوارين جو به شعور حاصل ڪندا آهن. اسڪائوٽنگ هڪ اهڙو سکيا جو نظام آهي، جيڪو فرد کي رڳو پنهنجي لاءِ نه، پر سموري انسانيت لاءِ ڪارائتو بڻائي ٿو.