سائين جي ايم سيد پنهنجي اڌ حياتي قومي حق گهرڻ تي جيل ۾ گذاري: عبدالخالق جوڻيجو

جيئي سنڌ محاذ ڪراچي ڊويزن پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي حوالي سان ميمڻ ڳوٺ ۾ جلسو

سائين جي ايم سيد پنهنجي اڌ حياتي قومي حق گهرڻ تي جيل ۾ گذاري: عبدالخالق جوڻيجو

ملير (ڊر) جيئي سنڌ محاذ ڪراچي ڊويزن پاران هڪ صدي اڳ جنم وٺندڙ سنڌ جي ڏاهي جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 122 سالگره تقريب جي موقعي تي ميمڻ ڳوٺ ۾ عام جلسو منعقد ڪيو ويو سالگرہ تقريب ۾ ڪراچي جي مختلف ڳوٺن ۽ شهري علائقن مان عورتن سميت سوين ماڻهن جي شرڪت جلسي ۾ اڳواڻن طرفان سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو جئي سنڌ محاذ پاران ڪوٺايل سالگره تقريب ۾ پارٽي اڳواڻن دانشورن ڊاڪٽر رياض شيخ، حفيظ بلوچ، اياز هڪڙو، عورت ونگ اڳواڻ ڊاڪٽر سلمه جوڻيجو امداد چاچڙ رشيد راڄڙ ، ڪامريڊ رشيد، ڪامريڊ گل محمد اماره چانڊيو ياسين سنڌي ملهار جتوئي لطيف راولاڻي علي مستوئي سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي جئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي اڌ حياتي قومي حق گهرڻ تي جيل ۾ گذاري 'هو سنڌ جو وزير ۽ ڪراچيءَ جي ضلعي لوڪل بورڊ جو چيئرمين رهيو' هن چيو ته جي ايم سيد هڪ عهدساز شخصيت هئي جنهن سنڌ کي تاريخي وطن طور وسيلن ۽ قومي آزاديءَ کي عالمي طور روشناس ڪرايو سالگرہ تقريب جي موقعي تي مختلف قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته پاڪستان کي گهڻ قومي ملڪ تسليم ڪندي 1940 جي قرادار مطابق سڀني قومي وحدتن جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت کي تسليم ڪيو وڃي سنڌ تي ڌارين جي يلغار روڪي وڃي سنڌو درياهه تي ڪوبه ڪئنال ڊيم نه ٺاهيو وڃي سنڌ پنجاب ۾ پاڻي جي ورڇ 1945 جي مهاهدي مطابق ڪئي وڃي سنڌ جي وسيلن ۽ آمدني تي سنڌ جي حق تسليم ڪيو وڃي ميڊيا کي قيد ڪندڙ پيڪا قانون کي فوري طور تي منسوخ ڪيو وڃي عبدالخالق جوڻيجو وڌيڪ چيو ته سائين جي ايم سيد جي بھادري سچ چوڻ جهڙا ڪردار اسان فلمن 'داستانن ۾ ٻڌا پر جي ايم سيد جي شڪل ۾ کيس انڪار ڪندي مستقل مزاجي سان وڙهندي ڏٺو آهي سالگره تقريب جي موقعي تي موقعي تي قومي گيت ۽ ٽيبلو پيش ڪيا ويا جلسي ۾ قراردادون پيش ڪندي سنڌو ۾ پاڻي جو ڇوڙ ڪرڻ ڪئنالن جو منصوبو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي جڏهن ته ڌارين جي آبادڪاري روڪڻ سنڌي ماڻهن کي ملازمتون ڏيڻ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ سميت سنڌ جي بنيادي حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيو