English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: سنڌياڻي تحريڪ جو جوڳي ھائوس گلشن حديد تي اجلاس
145 views
|
21st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس جي صدارت سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر ناھيد جوڳي ڪئي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ جو اجلاس جوڳي ھائوس گلشن حديد ڪراچي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ناھيد جوڳي جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا جڏهن تہ سنڌياڻي تحريڪ ( ڪيو اي ٽي) ڪراچي ڊويزن لاءِ آرگنائيزر ياسمين چانڊيو جنرل سيڪريٽري راحيلا لاڙڪ ۽ ميمبر ناهيد جوڳي، پرھ امر مگسي، شهربانو راهوجو ۽ فريده ديدار کوسي کي 4 مينهن لاءِ چونڊيو ويو. ڪراچي ڊويزن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي تنظيم سازي ڪري ڪراچي ۾ جشن لطيف ۽ سنڌياڻي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جو ڪنوينشن ڪيو ويندو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ناھيد جوڳي چيو تہ پيپلزپارٽي کي نہ سنڌين سان پيار آهي نہ سنڌين کان خوف کان آھي ھي سنڌي ماڻهن کي پنھنجو غلام سمجھن ٿا ھي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء سنڌ دوستي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻائين ٿا. ناھيد جوڳي چيو تہ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي ھٿ سان تباھ ڪرڻ ۽ سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌ اڳ ۾ ئي سوڪھڙي جو شڪار آهي وري مٿان سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍي پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا 7 ڪروڙ سنڌين کي اڃيو ۽ بکيو ڪري مارڻ چاھين ٿا. سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي کي لکين سنڌياڻيون پنهنجي پر امن جدوجھد ذريعي ناڪام بڻائينديون. سنڌياڻي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي آرگنائيزر ياسمين چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌياڻي تحريڪ سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف ھر دور ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجھدن ڪيون آهن سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ لکين سنڌياڻين پر امن جدوجھد ذريعي شانداري تاريخي ڪردار ادا ڪنديون. سنڌ جون نياڻيون سنڌو درياھ خلاف ڪا بہ سازش قبول نہ ڪنديون. سنڌياڻي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري راحيلا لاڙ خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪري سنڌي ماڻھن کي مارڻ چاھين ٿا. پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش سنڌ جون بھادر نياڻيون برداشت نہ ڪنديون. پاڻي لاء جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي آصف علي زرداري،پيپلزپارٽي۽ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ چاھين ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سنڌياڻي تحريڪ
گلشن حديد
0 تبصرے