شڪارپور ۾ رستم واسي پورھيت جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

محمد علي سنجراڻي کي 8 ڏينهن اڳ تنگواڻي ۽ غوثپور جي وچ واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو: وارث

شڪارپور ۾ رستم واسي پورھيت جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور شھر جي رستم روڊ واسي پورھيت محمد علي سنجراڻي پنھنجي ساٿي ضمير ميراڻي سان گڏجي تنگواڻي مان ساريون خريد ڪرڻ لاء ويل ھو جيڪو تنگواڻي ۽ غوثپور جي وچ واري علائقي مان ھٿياربند ڌاڙيلن ھٿان کنڀجي اغوا ٿي ويو آھي,گذريل 8 ڏينھن کان وٺي مغوي محمد علي سنجراڻي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھي مغوي جي گھر ۾ روڄ راڙو متل مغوي پورھيت جي وارث عورتن ۽ معصوم ٻارڙن ڪلام پاڪ کڻي مغوي جي بازيابي لاء احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي مغوي جي وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان جو نوجوان محمد علي سنجراڻي تنگواڻي ساريون خريد ڪرڻ ويو ھو جنھن کي غوثپور ويجھو ڌاڙيلن اغوا ڪري کڻي ويا آھن, گذريل 8 ڏينھن کان وٺي گھر اندر روڄ راڙو متل آھي,ڌاڙيل مغوي جي بازياب لاء ھڪ ڪروڙ روپيہ ڀنگ طلب ڪئي آھي,اسان مسڪين پورھيت آھيون محمد علي سارين جي بروڪري ڪري گھر جو چرخو ھلائيندو واحد فرد ھو ننڍڙا معصوم ٻچڙا اٿس ھنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان گھر ڪئي تہ خدارا مغوي جي اغوا جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ نوجوان بازياب ڪرائي گھر پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.