لالا رحيم ھڪ ارب روپين سان احسن آباد ۾ پارڪ ٺھرائي پيو پر خادم سولنگي ڳوٺ ۾ ھڪ روپيو به خرچ ناھي ٿيو: چوڌري تنوير جميل
ڪراچي(اعجاز چانڊيو)ڪراچي. سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ھڪ ارب روپين جي خرچ سان ٺھندڙ علائقا گندي پاڻي سان چمڪڻ لڳا. شھر کي پيرس بڻائيندڙن جي دعوي ڌوڙ ٿي وئي. يوسي پنج خادم سولنگي ڳوٺ ۾ سيوريج نظام بلدياتي نمائندن جي لاپرواھي سبب ٻن سالن کان ناڪاره بڻيل. گٽرن جو گندو پاڻي مين بازار ۾ تلاء جو ڏيک ڏيڻ کانپوء گھٽين ۾ بيٺل آھي. جنھن سبب علائقي ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو. ماڻھون بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا ان حوالي سان رھواسين ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم اين اي جي ڪوآڊينيٽر چوڌري تنويرجميل. عمر مسعود. فضل ڀٽي. الاهي بخش جکراڻي ۽ ٻين چيو ته ٽائون چيئرمين لالا رحيم بلڊرن جي پيسن سان احسن آباد ۾ پارڪ ٺھرائي رھيو آھي پر يونين ڪاؤنسلن ۾ گندو پاڻي ڪڍڻ لاء تيار ناھي. خادم سولنگي ڳوٺ مان ٻن ڪاؤنسلرن سميت پنج چونڊيل نمائنده بلدياتي اليڪشن ۾ کٽڻ کانپوء به سندن ڪارڪردگي زيرو رھي آھي. جڏھن ته ٽائون چيئرمين لالا رحيم يوسي پنج مان کٽي چڪو آھي سندس آفيس به چند قدم تي موجود آھي ان جي باوجود به ھو شھنشاھي وارا حڪم ھلائي غريب ريڙھن ۽ دڪاندارن کي تنگ ڪري رھيو آھي. پر عوامي مسئلن ڏانھن سندس جو ڌيان ئي نٿو وڃي ايتري قدر جو ماڻھن مقدس ڪتاب کڻي ٽائون چيئرمين خلاف احتجاج ڪيو پر ان جو ھن مھل تائين پيپلزپارٽي جي قيادت سميت ڪنھن به نوٽيس ناھي ورتو. ھنن ميئر ڪراچي مرتضي وھاب. ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد کان پرزور مطالبو ڪيو ته يوسي پنج ۾ سيوريج نظام جي ناڪاره ھجن واري معاملي جو نوٽيس وٺي گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.
0 تبصرے