تڪراري ڪئنال ۽ زمين ڪمپني کي ڏيڻ وارا منصوبا سنڌ لاء ڪالا باغ ڊئم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھن: اڳواڻ
شڪارپور (احسان ابڙو)شڪارپور ۾ درياءَ بچايو مارچ ، وڏي انگ ۾ ماڻھن جي شرڪت ، مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي اڏاوت کي رد ڪري ڇڏيو ، وفاقي حڪومت کان ھي منصوبا فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو.تفصيل موجب ھاري جدوجھد ڪاميٽي سنڌ ۽ حقوق خلق پارٽي طرفان سنڌو درياءَ تي چولستان ڪئنال سميت ٻين پنجن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف جھاز چونڪ کان پريس ڪلب تائين ھاري جدوجھد ڪاميٽي سنڌ جي ڪنوينر علي کوسي ، حقوق خلق پارٽي سنڌ جي آرگنائيزر عاشق ڊومڪي ، عرس چوھاڻ ، منظور کوسو ، شعيب انڙ ، فھيم جمالي ، نظام الدين جوڳي ، مشرف کوسو ، عرفان دل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ درياءَ بچايو مارچ ڪيو ويو ، مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت ھڪ سازش تحت پنجاب ۾ غير ملڪي ڪمپنين کي گرين انيشيٽو جي نالي ڏنل تي مليل غيرآباد زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي پنجاب جي حدن ۾ سنڌو درياءَ تي چولستان ڪئنال سميت ٻيا پنج ڪئنال ٺاھي رھي آھي ، جيڪڏھن ھي ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ مڪمل طور برباد ٿي ويندي ، ھي منصوبا سنڌ لاء ڪالا باغ ڊئم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھن ، ھنن ڪئنالن جي ٺھڻ سان سنڌ جي 36 لک ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد بڻجي بنجر ٿي ويندي ، جڏھن تہ ڪوٽڙي بئراج مان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃڻ سبب اڌ سنڌ کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ڇو ته سنڌ کي اڳ ۾ 1991ع جي معاهدي باوجود پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ، جنھن جي ڪري ھڪ طرف ڊائون اسٽريم ۾ ضرورت مطابق پاڻي نہ وڃڻ ڪري ھن وقت تائين سمنڊ سنڌ جي 42 لک ايڪڙ زرعي زمين ڳڙڪائي چڪو آھي ٻي طرف سنڌ جي آباد لکين ايڪڙ زمين غير آباد بڻجي چڪي آھي ، ڪئنالن جي ٺھڻ سان ھڪ طرف زراعت جو وڏو نقصان ٿيندو تہ ٻي طرف پيئڻ جي پاڻي جو وڏو بحران ٿيندو ڇو ته سنڌ ۾ انسانن سميت ھر پاڻي پيئڻ واري جو واحد ذريعو سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌو درياءَ آھي ، تنھنڪري ڪري ھنن ڪئنالن جي ٺھڻ سان سنڌ واسين جو معاشي نقصان پنھنجي جاء تي پر سنڌ جي سرزمين تي رھندڙ ڪروڙين انسانن ، جانورن ، پکين ، ٻوٽن سميت ھر پاڻي واپرائيندڙ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو ، تنھنڪري ھي ڪئنالن جا منصوبا اسان سنڌ واسين لاءِ نفعي يا نقصان واري ڳالھ نه پر زندگي ۽ موت جو سوال آھن ، تنھنڪري اسان جا ست ڪروڙ ماڻھون ھنن ڪئنالن کي ڪنھن صورت ۾ ٺھڻ نه ڏينداسين ۽ ڪالاباغ ڊيم جيان ھنن عوام دشمن منصوبن خلاف ڀرپور جدوجھد ڪري کين ھميشہ لاءِ دفن ڪري ڇڏينداسين ، مارچ دوران مارچ ۾ شريڪ ماڻھون ڪئنالن سمورا نامنظور ، درياءَ تي ڌاڙو نامنظور ، سنڌو اسان جو ساھ جا زوردار نعرا لڳائيندا رھيا.آخر ۾ قراردادون پاس ڪري وفاقي حڪومت کان سنڌو تي ٺهندڙ ڪئنالن جي اڏاوت فوري طور بند ڪري ھي منصوبه ھميشہ لاءِ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ، جڏھن تہ سنڌ حڪومت کان ھنڱورجا جي صحافي فياض سولنگي کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو .
0 تبصرے