پبلڪ اسڪول گڏاپ ۾ هر سال جيان سنڌي ثقافت جي خوشبوءَ سان ڀريل شاندار مچ ڪچهري منعقد

مچ ڪچهري تقريب ۾ شاگردن، استادن مختلف سياسي سماجي شخصيتن شرڪت محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

پبلڪ اسڪول گڏاپ  ۾ هر سال جيان سنڌي ثقافت جي خوشبوءَ سان ڀريل شاندار مچ ڪچهري منعقد

ملير(درياخان شر)ملير پبلڪ اسڪول گڏاپ ۾ هر سال جيان هن سال به سنڌي ثقافت جي خوشبوءَ سان ڀريل شاندار مچ ڪچهري جي تقريب منعقد ڪئي وئي مچ ڪچهري تقريب ۾ شاگردن، استادن مختلف سياسي سماجي شخصيتن شرڪت محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا مچ ڪچهري تقريب جي موقعي تي لوڪ ادب جي مختلف صنفن شاعري، لوڪ بيت، ٽيبليوز ۽ تقريرون پيش ڪيون ويون پبلڪ اسڪول گڏاپ ۾ منعقد مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي نامياري اديب پروفيسر ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سگا شاخ گڏاپ جي صدر راشد علي بلوچ، سماجي اڳواڻ حاجي منظور علي جوکيو، پروفيسر علي نواز جوکيو، ڪراچي رورل نيٽ ورڪ جي چيئرمين ظفر حميد بلوچ پرنسپال خالد سيف الله ڀٽو سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي پروفيسر رخمان گل پالاري راشد بلوچ منظور جوکيو ۽ ٻين سنڌي ادب ۽ ثقافت جي اهميت تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته اهڙيون تقريبون شاگردن جي شعوري ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين موقعو فراهم ڪن ٿيون. سماج ۾ تعليم جي اهميت ۽ نوجوانن جي مثبت رخ ۾ اڳڀرائي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي چيو ته شاگردن لاءِ علمي ۽ ادبي سرگرمين جا سلسلا وڌايا وڃن ته جيئن انهن ۾ اعتماد ۽ تخليقي صلاحيتون پيدا ٿين ٿيون .ظفر حميد بلوچ چيو ته مچ ڪچهري قديمي روايت آهي جنهن ۾ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ هم خيال ماڻهو شرڪت ڪري معاشري جي ڀلائي لاءِ پنهنجيون تجويزون پيش ڪن ٿا نوجوان نسل آڏو سنڌ جي ثقافت جي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ اهڙيون سرگرميون شروع ڪرڻ مثبت عمل آهي جنهن جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا پرنسپال خالد سيف الله ڀٽو چيو ته اهڙيون تقريبون نه صرف شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي پروان چڙهائين ٿيون، پر انهن جي شخصيت سازي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن تقريب جي ڪاميابي ۾ حصو وٺندڙن، خاص طور تي استادن ۽ شاگردن، جي محنت کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ اهڙين سرگرمين کي جاري رکڻ جو عزم پڻ ورجايو.