عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي منعقد ڪئي ويئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ سينٽرل ايپيڪس ڪميٽي توڙي صوبائي ايپيڪس ڪميٽي جي ٿيل فيصلن تي ضلعي ليول تي عملدرآمد ڪرائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ويئي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ميمبرن ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايس ايس پي اسپيشل برانچ ميرپورخاص منٺار ڀيو، ليفٽيننٽ ڪرنل پاڪ فوج شھير احمد، پاڪستان ڪسٽم جي نمائندي، سي ٽي ڊي، آئي ايس آئي، آئي بي، ايم آئي، اي اين ايف، اي ٽي او ايڪسائيز، ايڊيشنل ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، صوبيدار روشن پاڪ آرمي ڇور ڪينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ عمرڪوٽ، ليبر آفيسر، ومين ڊولپمينٽ کاتي، اوقاف کاتي سميت ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي ۾ سينٽرل ايپيڪس ڪميٽي توڙي صوبائي ايپيڪس ڪميٽين جي ٿيندڙ فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ بھتر حڪمت عملي جوڙي وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر و چئرمين ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي نويد الرحمان لاڙڪ پاڪستان ڪسٽم جي آفيسر کي ھدايت ڪندي چيو تہ ڪو به غير قانوني پيٽرول پمپس آھن يا جيڪي گاڏيون نان ڪسٽمز آھن فوري طور تي انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪئي وڃي، ھن چيو ته جيڪي بہ مدرسه آھن انھن جي رجسٽريشن ڪرائي وڃي، ان موقعي تي ھن اي ٽي او ايڪسائيز پوليس کي ھدايت ڪندي چيو تہ عمرڪوٽ ضلعي ۾ جيڪي بہ غير قانوني شراب جا گتا کليل انھن جي خلاف فوري طور تي قانوني ڪارروائي تيز ڪئي وڃي، ان موقعي تي ھن ڪميٽي جي سمورن ميمبرن کي ھدايت ڪندي چيو تہ سيڪيورٽي بابت جوڙيل قانون توڙي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ پنھنجي سرگرمين بابت مڪمل رپورٽ فورم کي ڏني وڃي، ان موقعي تي ھن چيو ته ضلعي ۾ نان ڪسٽم سگريٽ، نان ڪسٽم شين توڙي مختلف منشيات جي روڪٿام جي لاءِ ڪاروائي تيز ڪئي وڃي ۽ ان جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
0 تبصرے