عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ هلندڙ الحاج سيد علي مردان شاه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي سيمي فائينل ۾ شمس اڪيڊمي ۽ الفرينڊ ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿي گذريو، شمس اڪيڊمي 16 اوورن ۾ 182 رنسن جو ٽارگيٽ حاصل ڪري فائينل ۾ پهچي وئي، الفرينڊ ڪرڪيٽ ڪلب جنهن شروعات ۾ 20 اوورن ۾ 182 رنسن جو هدف مقرر ڪيو، ان ۾ حسين سميجو 54 رنسن ۽ حاجن 45 رنسن جو اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته شمس اڪيڊمي جي طرفان گل محمد سولنگي 55 رنسن ۽ حافظ شمس راڄڙ 47 رنسن سان ٽارگيٽ پورو ڪيو، شمس اڪيڊمي جو بيٽنگ لائن خاص طور تي گل محمد سولنگي ۽ حافظ شمس راڄڙ جي شاندار ڪارڪردگي، ميچ جو رخ پنهنجي پاسي موڙڻ ۾ اهم ثابت ٿي، ميچ دوران گل محمد سولنگي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جنهن جي شاندار ڪارڪردگي ۽ 55 رنسن جي مدد سان شمس اڪيڊمي ميچ جي فتح حاصل ڪئي، اسد خان ڀرڳڙيءَ گل محمد سولنگي کي تحفو پيش ڪيو.
0 تبصرے