سجاول ۾ اين آر ايس پي پاران مليريا جي عالمي ڏينهن تي ريلي ڪڍي وئي

صحت آفيس ۾ ڊي ايڇ او سجاول جي اڳواڻي ۾ مليريا بابت آگاھي سيمينار به ڪوٺايو ويو

سجاول ۾ اين آر ايس پي پاران مليريا جي عالمي ڏينهن تي ريلي ڪڍي وئي

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ سماجي تنظيم اين آر ايس پي مليريا جي عالمي ڏينهن 26 اپريل تي سجاول جي صحت آفيس ۾ ڊي ايڇ او سجاول جي اڳواڻي ۾ مليريا بابت اگاھي سيمينار ڪوٺايو ويو گڏوگڏ ڊي ايڇ او آفيس سجاول کان سول اسپتال سجاول تائين ريلي ڪڍي آگاھي مھم ھلائي وئي ان موقعي تي ڊي ايڇ او سجاول چيو ته مليريا ھڪ خطرناڪ بيماري آهي احتياطي اپائن تي عمل ڪري ھن خطرناڪ بيماري کان بچي سگهجي ٿو آگاھي مھم ڊاڪٽر انور ميمڻ . ڊاڪٽر اشفاق جعفراڻي . داڪٽر عرفان شاهه . ڊاڪٽر شگفتآ شاهه . دائود امر سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته اين آر ايس پي طرفان محمد عارف لوھار ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينٽر مليريا جي نمائـندگي ڪئي