سجاول جي عدالت آڪاش مڱڻهار قتل ڪيس جي ٻن جوابدار ڀائرن کي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جاويد علي مڱڻهار کي ڦاهي، 5 لک ڏنڊ ۽ ارشاد کي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ڏني

سجاول جي عدالت آڪاش مڱڻهار قتل ڪيس جي ٻن جوابدار ڀائرن کي سزا ٻڌائي ڇڏي

سجاول (گلشيرميربحر ) فرسٽ ايڊيشنل سيسشن جج سجاول جي عدالت ۾ 2 سال اڳ قتل ڪيس جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدار ڀائرن هڪ کي ڦاهي ۽ 5 لک روپيه ڏنڊ ۽ ٻي کي عمرقيد ۽ 5 لک روپيه ڏنڊ ڏيڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، فرسٽ ايڊيشنل سيسشن جج سجاول اشفاق احمد نظاماڻي جي عدالت 2 سال اڳ قتل ٿي ويل 19 سالا نوجوان آڪاش مڱڻھار جي قتل ڪيس جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي گولارچي شهر جي ڳوٺ وڏيرو نم مڱڻھار جا رهواسي ٻن ڀائرن جاويد علي مڱڻھار کي ڦاهي 5 لک روپيه ڏنڊ ۽ ارشاد مڱڻھار کي عمر قيد ۽ 5 لک روپيه ڏنڊ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.2 سال اڳ پئيسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو هو جهيڙي دوران ڪهاڙي لڳڻ سبب 19 سالا نوجوان آڪاش مڱڻهار قتل ٿي ويو هو اھڙي واقعي جو ڪيس مقتول جي پيءُ جمن مڱڻهار جي فرياد تي 26-07-2022 جهوڪ شريف ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جڏھن ته فريادي طرفان ڪيس جي پيروي ڪندڙ سرڪاري وڪيل منور علي دايو ڪئي. ٻي پاسي فرسٽ سول جج سجاول منظور خان ڌاريجو جي عدالت جوابدار ممتاز عرف مامون ولد جمون سوڍائي ملاح کي 10 ليٽر ڪچو شراب ٺاهي وڪرو ڪرڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي سال قيد ۽ 5 هزار روپيه ڏنڊ ڏيڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ هڪ هفتو سزا ڪاٽيندو.