English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
چمبڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي
148 views
|
06th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
حڪمرانن اقتداري لاءِ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن: اڳواڻ
چمبڙ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ پاران چمبڙ ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مقصود احمد ڀرڳڙي، ڪامريڊ رامون ڪولھي، عثمان لغاري، هادي بخش ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ ملتاني هوٽل کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪرڙ ريٻاري خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو پروانو آهي. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو وڃي سنڌ جي درياھ، زمينن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مقصود ڀرڳڙي خطاب ڪندي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي.حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا. حڪمران سمجھن ٿا تہ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. قومي عوامي تحريڪ جي عثمان لغاري خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
چمبڙ
قومي عوامي تحريڪ
ريلي سنڌي ھاري تحريڪ
زمينن جي نيلامي
تڪراري ڪئنالن
0 تبصرے