English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: شاعره ياسمين چانڊيو جي منان شيخ ۽ اشفاق چنڙ سان ملاقات، قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان
63 views
|
06th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ڪري رهيو آهي: ياسمين چانڊيو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سياسي سماجي اڳواڻ ليکڪ شاعره ياسمين چانڊيو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منان شيخ ۽ قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي صدر اشفاق چنڙ سان ملاقات ڪري پنهنجي نياڻي پرھ سميت قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو تہ آئون ھميشہ پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي، پاڻي، وسيلن لاء ۽ شهري دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ڪندي رهي آهيان، هينئر سنڌ جي سگھاري آواز اياز لطيف پليجي جي قيادت ۾ جدوجهد جي ميدان ۾ هروقت پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائيندس. ياسمين چانڊيو چيو تہ اسان جو عزم آهي تہ پنهنجي ڌرتيءَ جي حقن ۽ خوشحالي لاءِ هڪ بي باڪ ۽ انقلابي جدوجهد کي جاري رکنداسين. هڪ اهڙي تحريڪ جيڪا سنڌ جي مظلوم ۽ حق کان محروم عوام جي آواز بڻجي، انهن جي بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي اسان لاءِ هي رڳو شموليت نہ پر هڪ عظيم فرض جي واپسي آهي، جتي اسان پنهنجي ڌرتي، پنهنجي زبان، ۽ پنهنجي ثقافت لاءِ هر محاذ تي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ياسمين چانڊيو چيو تہ اسان پنهنجي ڌرتي جي انهن ماڻهن لاءِ آواز بڻجنداسين، جيڪي صدين کان نظرانداز ڪيا ويا آهن. قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت سان، اسان سنڌ جي عوام لاءِ هڪ نئين سحر جي شروعات جو واعدو ڪريون ٿا. اسان پنهنجي هر جدوجهد ۾ سچائي ۽ خلوص سان اڳتي وڌنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
اياز لطيف پليجو
شاعره ياسمين چانڊيو
0 تبصرے