ڪراچي واٽر بورڊ جي سي اي او سان سيد نجمي عالم جي اڳواڻي ۾ آيل پ پ وفد جي ملاقات

وفد جي شڪايتن جو ازالو ڪري سمورن مسئلن جي حل لاءِ موثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن : انجنيئر سيد صلاح الدين احمد

ڪراچي واٽر بورڊ جي سي اي او سان سيد نجمي عالم جي اڳواڻي ۾ آيل پ پ وفد جي ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزير اعلي سنڌ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي خصوصي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف آهن، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران پي پي اڳواڻ سيد نجمي عالم جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان، سڪندر زرداري، محمد حنيف بلوچ، نديم احمد ڪرماڻي، آغا سعيد، محمد اسلم اعواڻ، غلام محمد حب، تنوير شيخ سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر ۽ پ پ جا مختلف ضلعن جا اڳواڻ موجود هئا، ملاقات دوران پي پي اڳواڻ پاران سي اي او واٽر بورڊ کي شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن جي حل لاءِ موثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ پاران پي پي اڳواڻ کي گڏجاڻي دوران پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جو يقين ڏياريندي لاڳاپيل عملدارن کي موقعي تي حڪم جاري ڪندي پابند ڪيو تہ اڳواڻن پاران پيش ڪيل پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اجلاس دوران پ پ اڳواڻ سيد نجمي عالم پاران سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد، سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسد الله خان سميت واٽر بورڊ جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي رمضان المبارڪ، يوم حضرت علي عليه السلام سميت عيدالفطر جي موقعي تي بھتر انتظام ڪرڻ ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي کين خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ مون کي پوري اميد آهي تہ مستقبل ۾ بہ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم ساڳي جذبي سان شهرين جي خدمت سميت ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو تہ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي خصوصي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي.