English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي ٿي گذري
165 views
|
02nd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي دوران گذريل پوليو مھم جي ڪارڪردگي ۽ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ گذريل پوليو مھم جي ڪارڪردگي ۽ پيشرفت جو جائزو وٺڻ بابت دربار ھال مڪلي ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي، جنھن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز علي ھاليپوٽو، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاھ، ڊي ايس پي وحيد لاڙڪ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي، ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، اي ڊي اي او پرائمري محمد حسن سومرو، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر عامر حسين، اميونائزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ، ڊسٽرڪٽ مينيجر يونيسيف سجاد حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عمدارن کان علاوہ مرف، پي پي ايڇ آءِ سميت مختلف اين جي اوز جي نمائدن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو تہ پاڙيسري ضلعن ۾ پوليو جا ڪيس ظاھر ٿيڻ باوجود ضلعو ٺٽو پوليو کان پاڪ آھي جنھن جو ڪريڊٽ صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن ۽ پوليو ورڪرن ڏانھن وڃي ٿو جن پنھنجي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪري ھن ضلعي کي پوليو کان پاڪ رکيو آھي. ھُن گذريل پوليو مھم دوران بھترين ڪارڪردگي تي کين ساراھيندي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر اُميد ڏيکاري تہ آئندہ پوليو مھم دوران پڻ وڌيڪ محنت، سچائي ۽ نيڪ نيتي سان ھر ٻار کي پنھنجو ٻار سمجهي کين پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ ڪابہ ڪسر نہ ڇڏي ويندي. ھن کين ھدايت ڪئي تہ انڪاري ٻارڙن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏئي ھر صورت ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا وڃن تہ جيئن کين ھميشہ جي معذوري کان محفوظ بڻائي سگهجي. گڏجاڻي ۾ مهم دوران درپيش چيلنجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مستقبل لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
منور عباس سومرو
0 تبصرے